صفدر جي گرفتاري خلاف سنڌ حڪومت جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي  ۾ مزار قائد جي بيحرمتي  واري ڪيس ۾ ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري جي طريقيڪار کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته گرفتاري جي معاملي تي ڪجهه ڳڻتي جوڳيون شيون سامهون آيون آهن جن جي انڪوائري ڪرائي ويندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪيپٽن(ر) صفدر تي ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو پر معاملي جي جاچ ڪئي ويندي سازش ۾ شامل ماڻهن کي نه ڇڏينداسين.   وڏي وزير چيو ته جيئن جيئن ڪراچي ۾ 18 آڪٽوبر تي پي ڊي ايم جو جلسو ڪامياب ٿي رهيو هو تيئن تحريڪ انصاف جي ميمبرن ۾ ڊپ وڌندو پئي ويو.  هن چيو ته مزار قائد تي جيڪو به ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، پر هي پهريون دفعو ناهي ٿيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جا ميمبر 2013-2018 ۾ ڪيترائي ڀيرا مزار جي بيحرمتي ڪري چڪا آهن مزار قائد جي تقدس جي ذميواري اسان سڀني جي آهي. هن چيو ته چونڊيل نمائندن جو ڪم ناهي ته پوليس تي دٻاءُ وجهن پر پي ٽي آءِ جا ميمبر ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوليس تي لاڳيتو دٻاءُ وجهندا رهيا پر پوليس انڪار ڪري ڇڏيو.  مراد علي شاهه چيو ته پوليس کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ چونڊيل نمائندن جو ڪم ناهي هوندو، هڪ وفاقي وزير الٽي ميٽم ڏئي رهيو هو  جڏهن ته درخواست داخل ڪرڻ کان اڳ پلاننگ ڪئي وئي پي ٽي آءِ وقاص نالي شخص کان درخواست داخل ڪرائي ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو. ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري جي معاملي جي جاچ ٿيندي ۽ سازش ۾ شامل ماڻهن کي نه ڇڏينداسين. هن چيو ته وقاص اشتهاري ۽ مفرور جوابدار آهي. اشتهاري شخص پي ٽي آءِ جي ماڻهن سان گڏ ٿاڻي آيو، دهشتگردن جي خلاف سڄو ملڪ هڪ پيج تي آهي پر پي ٽي آءِ  ملڪ کي ڪهڙي طرح کڻي وڃي رهي آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت جو خاتمو ملڪ جي مفاد ۾ آهي.   پريس ڪانفرنس دوران سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري جي معاملي تي ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهينداسين جنهن ۾ 3 کان 5 صوبائي وزير شامل هوندا. واقعي بابت ڳڻتي جوڳيون شيون سامهون آيون آهن. ان تي جاچ ڪئي ويندي. جڏهن ته  جاچ دوران جيڪڏهن مون کي به گهرايو ويو ته مان به ويندس.

Read Previous

نيب کي استعمال ڪري گرفتاريون ڪيون پيون وڃن: مريم اورنگزيب

Read Next

ڪراچي جي شيرين جناح ڪالوني ۾ ڌماڪو، پنج ڄڻا زخمي

Most Popular