سڪرنڊ: مھراڻ ڪالوني جي رھواسين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جو ون فائيو سڪرنڊ پوليس خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) سڪرنڊ شھر جي مھراڻ ڪالوني جي رھواسين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جو ون فائيو سڪرنڊ پوليس خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهرين علي شير، صابر علي، مسمات شھنيلا، شبانه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڪرنڊ ون فائيو پوليس جي اھلڪارن قربان لاکو، امان الله، الله بخش، غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته رشوت نه ڏيڻ تان ون فائيو پوليس ماڻھن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته اسان جي نوجوان عابد رند کي رشوت نه ڏيڻ تان ون فائيو پوليس سوا چار ڪلو چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ان کي جيل موڪلي ڇڏيو جيڪو جيل ۾ بيگناھه قيد ڪاٽي بيماري ٿي پيو، عدالت پاران باعزت بري ڪرڻ بعد نوجوان ھن وقت اسپتال ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل آھي، جڏھن ته نوجوان جو والد غلام شبير به صدمي ۾ بيمار آھي، ھنن مطالبو ڪيو سڪرنڊ ون فائيو پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

مٽياري : وفاق پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پليجاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

قاضي احمد شھر جي رھواسي محمد مشتاق آرائين ڌنڱاڻو ٻگھيو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪئي

Most Popular