قاضي احمد شھر جي رھواسي محمد مشتاق آرائين ڌنڱاڻو ٻگھيو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪئي

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) قاضي احمد شھر جي رھواسي محمد مشتاق آرائين ڌنڱاڻو ٻگھيو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 10 سال اڳ مان حاجي غلام نبي ٻگھيو ۽ سيد جاويد شاهه سان پيڍي جو گڏيل ڪاروبار شروع ڪيو ھو ۽ سيد جاويد شاهه پنھنجي ڀائيواري ختم ڪئي جنھن بعد مان ۽ غلام نبي ٻگھيو ڪاروبار ڪندا رھياسين ۽ پوءِ غلام نبي ٻگھيو پڻ ڪاروبار ختم ڪيو جنھن جو فيصلو ٻگھيا برادري جي چڱي مڙس ۽ اڳوڻي يوسي ناظم ھاشم ٻگھيو ڪيو ۽ فيصلي ۾ اسان کي چيو ويو ته غلام نبي بگھيو کي 10 لک روپيا ڏيو ۽ اڄ کان وٺي ھن جي ڪاروبار ۾ ڀائيواري نه ھوندي ۽ اسان رقم شاھدن جي سامھون ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڏيڍ سال کانپوءِ ھو ڪنھن جي چوڻ تي يا پاڻمرادو منھنجي خلاف ڪوڙا بيان ڏئي منھنجي ميڊيا ٽرائل ڪري ٿو ۽ مونکي بدنام ڪرڻ سان گڏ منھنجو ڪاروبار متاثر ڪري رھيو آھي، ھن چيو ته منھنجا ٻيا به ڪاروبار آھن جن تي اثر پئجي رھيو آھي، ھن آئي جي سنڌ، وزير اعلي سنڌ ۽ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کي اپيل ڪئي ته منھنجي خلاف غلط بياني ڪندڙ غلام نبي ٻگھيو خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

سڪرنڊ: مھراڻ ڪالوني جي رھواسين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جو ون فائيو سڪرنڊ پوليس خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو

Read Next

سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران ٻهراڙين جي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

Most Popular