سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران ٻهراڙين جي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)  سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران ٻهراڙين جي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو رپورٽ موجب سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپي يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ضلع سانگهڙ ۾ هلندڙ پروجيڪٽ وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ ۾ يوسي مياڻ جي ڳوٺ ڪيوڙو خان ملاح ۾ ٻهراڙين جي عورتن جو عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾  فرينڊس آف وومين ايمپاورمنٽ گروپ ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مانيٽر نگ آفيسر نويد خيال چيوهر سال 15 آڪٽوبر ڳوٺاڻي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي ، پنهنجي حقن کان محروم ڳوٺاڻيون عورتون عالمي ڏهاڙي جي اهميت جي باري ۾ ٻڌايو پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن جي آهي ۽ 70 سيڪڙو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو جيڪي پنهنجي بنيادي سهولتن کان محروم زندگي گذاري رهيا آهن جيستائين عورت کي معمولات زندگي ۾ اڳيان نه آندو ويندو تيستائين سماج ۾ ترقي ممڪن نه آهي سمينه ميمڻ چيو ته عورتن تي وڌيڪ ذميواري هوندي آهي به نسبت مردن جي خاص طور تي ٻهراڙين جي عورتون گهر سان گڏوگڏ ٻني ٻاري ۾به مردن سان گڏ ڪم ڪنديون آهن. تنوير جمالي ڇوڪرين جي تعليم جي  حوالي سان ٻڌائيندي چيو ته ٻهراڙي ۾ ڇوڪرين جي تعليم تمام پوئتي آهي عورتن کانسواءِ سماج ۽ ملڪ جي ترقي  نه ڪري سگهنداسين.

Read Previous

قاضي احمد شھر جي رھواسي محمد مشتاق آرائين ڌنڱاڻو ٻگھيو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪئي

Read Next

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز خيرپور ۾ مختلف شعبن جو دورو

Most Popular