سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران ٻهراڙين جي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو رپورٽ موجب سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپي يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ضلع سانگهڙ ۾ هلندڙ پروجيڪٽ وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ ۾ يوسي مياڻ جي ڳوٺ ڪيوڙو خان ملاح ۾ ٻهراڙين جي عورتن جو عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ فرينڊس آف وومين ايمپاورمنٽ گروپ ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مانيٽر نگ آفيسر نويد خيال چيوهر سال 15 آڪٽوبر ڳوٺاڻي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي ، پنهنجي حقن کان محروم ڳوٺاڻيون عورتون عالمي ڏهاڙي جي اهميت جي باري ۾ ٻڌايو پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن جي آهي ۽ 70 سيڪڙو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو جيڪي پنهنجي بنيادي سهولتن کان محروم زندگي گذاري رهيا آهن جيستائين عورت کي معمولات زندگي ۾ اڳيان نه آندو ويندو تيستائين سماج ۾ ترقي ممڪن نه آهي سمينه ميمڻ چيو ته عورتن تي وڌيڪ ذميواري هوندي آهي به نسبت مردن جي خاص طور تي ٻهراڙين جي عورتون گهر سان گڏوگڏ ٻني ٻاري ۾به مردن سان گڏ ڪم ڪنديون آهن. تنوير جمالي ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ٻڌائيندي چيو ته ٻهراڙي ۾ ڇوڪرين جي تعليم تمام پوئتي آهي عورتن کانسواءِ سماج ۽ ملڪ جي ترقي نه ڪري سگهنداسين.