ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز خيرپور ۾ مختلف شعبن جو دورو

خيرپور (ڊر): ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز خيرپور ۾ مختلف شعبن جو دورو، اداري جي تعميلي ماحول ۽ معيار تي اطمينان جو اظهار. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز خيرپور پهچي مختلف شعبن جو دورو ڪيو، دوري دوران ڊائريڪٽر آءِ بي اي ايمارجنگ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر ثمر رضا ٽالپور، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊولپمينٽ اينڊ پلاننگ سيدہ ڪرن شاهه راشدي، پرنسيپال عبدالمنان چانڊيو، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام قادر سميت ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات خيرپور عامرہ زرتاش پڻ موجود هئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته آءِ بي اي سکر سنڌ جي تعليمي نظام ۾ انقلابي تبديليون آنديون آهن، جنهن سان هتان جي نوجوانن کي تمام گهڻو فائدو حاصل ٿيو آهي، اهڙا ادار ملڪ ۽ قوم جو اثاثو هجن ٿا، ڇو ته بهتر تعليم کان سواءِ ڪا به قوم ترقي ناهي ڪري سگهندي، هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران خيرپور ۾ موجود سمورن تعليمي ادارن سان مڪمل تعاون ڪيو پيو وڃي ته جيئن کين نصابي توڙي غيرنصابي سرگرميون جاري رکڻ لاءِ بهتر ماحول ملي سگهي، ان سلسلي ۾ آءِ بي اي سان پڻ ڀرپور تعاون جاري رکنداسون. هن چيو ته آءِ بي اي يونيورسٽي جي انتظام تحت هلندڙ تعليمي ادارن جا شاگرد ملڪ جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جن تي قوم کي فخر آهي، اڄ جا شاگرد مستقبل جا معمار هجن ٿا، انڪري کين تعليمي سرگرمين تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان کان اڳ ڊاڪٽر سرمد رضا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آءِ بي اي يونيورسٽي تحت سنڌ جي 8 ضلعن ۾ تعليمي ادارا هلي رهيا آهن جنهن تحت لکين شاگردن کي عالمي معيار واري تعليم ڏني پئي وڃي، ان سلسلي آئي بي اي جي استادن کي بهترين پگهارون ۽ سکيا فراهم ڪئي ويندي آهي ته جيئن جديد دور جي گهرجن مطابق تعليمي سرگرميون جاري رهي سگهن. هن ٻڌايو ته آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز خيرپور ۾ هڪ هزار کان مٿي انرولمينٽ آهي ۽ هتي قائم ڪيل پاڪستان جي پهرين فيب ليب تحت آمريڪن پروفيسر نيئل گيرشينفيلڊ ليڪچر ڏيندو آهي جنهن سان هتان جي شاگردن کي تمام گهڻو لاڀ ملي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته مقامي شاگردن کي سکيا ڏيندا آهيون ته جيئن هو آءِ بي اي ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن، جڏهن وقتن فوقتن اسڪالرشپ به ڏيندا رهون ٿا ته جيئن مستحق ۽ محنتي شاگرد اڳتي وڌي سگهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ته انسٽيٽيوٽ پاران اي نيٽورڪ تحت خيرپور اسمارٽ پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پوري شهر کي ڪٺو ڪري سگهجي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شاگردن جي ٺاهيل پراجيڪٽس تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ذهين شاگرد کي ملڪي ترقي جا ضامن آهن، هن ڊائريڪٽر کي چيو ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ڪا ايپ تيار ڪئي وڃي ته جيئن ضلعي جو عوام بروقت آن لائين نشاندهي ڪري سگهن. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر کي اداري پاران اعزازي شيلڊ ۽ سنڌ ثقافتي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پڻ ڏنو ويو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر پراڻي مختيارڪار آفيس پهچي تعميري ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر صفدر ميراڻي پڻ موجود هو.

Read Previous

سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران ٻهراڙين جي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

Read Next

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ٽيچرز ايسوسيئيشن (سلوٽا) جي نيئن چونڊيل عهديدارن جو اجلاس

Most Popular