شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ٽيچرز ايسوسيئيشن (سلوٽا) جي نيئن چونڊيل عهديدارن جو اجلاس

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ٽيچرز ايسوسيئيشن (سلوٽا) جي نيئن چونڊيل عهديدارن صدر پروفيسر ڊاڪٽر مينهون خان لغاري ۽ جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گھمرو جي اڳواڻي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سلوٽا عهديدارن سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته مان پر اعتماد آهيان ته سلوٽا جي سهڪار ۽ مدد سان يونيورسٽي جا سمورا مسئلا تمام جلد حل ٿي ويندا. اسان اداري جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون. ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو چيو ته سلوٽا جا عهديدار مختلف شعبن مان چونڊجي آيا آهن ۽ هي نهايت متحرڪ آهن. يونيورسٽي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سلوٽا جي عهديدارن جي تعاون جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو چيو ته هو آزاداي سان فيصلو ڪرڻ تي يقين رکي ٿو ڇاڪاڻ جو آزادي سان فيصلو ڪرڻ ۾ ئي يونيورسٽي جي ترقي جو ضامن آهي. وائيس چانسلر چيو ته يونيورسٽي جي سمورن ملازمن کي وقت سر پگهار ۽ پينشن ادا ڪرڻ سندس پهرين ترجيح آهي. ڊاڪٽر خليل چيو ته اسان يونيورسٽي جو هر فورم تي دفاع ڪنداسين. ان موقعي تي سلوٽا جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر مينهون خان لغاري ۽ جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گھمرو وائيس چانسلر کي يقين ڏياريو ته سلوٽا جا عهديدار يونيورسٽي جي بهتري، ترقي ۽ مسئلن جي حل لاءِ وائيس چانسلر سان ڀرپور سهڪار ڪندا. هنن چيو ته يونيورسٽي جي مالي بحران کي نظر ۾ رکندي استادن جا مسئلا وائيس چانسلر آڏو پيش ڪيا ويندا.

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز خيرپور ۾ مختلف شعبن جو دورو

Read Next

خيرپور : ڳوٺ آدم خان مھراڻي ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي نه ھجڻ ڪري علائقي واسين جو احتجاج

Most Popular