خيرپور : ڳوٺ آدم خان مھراڻي ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي نه ھجڻ ڪري علائقي واسين جو احتجاج

خيرپور (ڊر) خيرپور ڀرسان يوسي شادي شهيد جي ڳوٺ آدم خان مھراڻي ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي نه ھجڻ ڪري علائقي واسين خيرپور، شادي شھيد روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهري چيو ته يوسي شادي شھيد جي علائقي جي سڀني ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سھولت آهي، ڪجهه ڳوٺن ۾ پاڻي جي سپلاءِ جو ڪم جاري آهي ۽ پاڻي جون لائنون وڇايون پيون وڃن، صرف اسان جي ڳوٺ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، اسان ڳوٺاڻا 3 ڪلو ميٽر پري کان مٽ، دلا ۽ ڪولر کڻي پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آھيون، ھنن پ پ ايم اين اي سيده نفيسا شاهه  ۽ ضلعي انتطاميا کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ آدم خان مھراڻي ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سھولت فراھم ڪئي وڃي، صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ٽيچرز ايسوسيئيشن (سلوٽا) جي نيئن چونڊيل عهديدارن جو اجلاس

Read Next

ڪشمور ضلعي اندر وياج خورن جي لسٽ ايس ايس پي ڪشمور جاري ڪري ڇڏي وياج خورن جي خلاف ڪاروائي جو فيصلو

Most Popular