ڪشمور ضلعي اندر وياج خورن جي لسٽ ايس ايس پي ڪشمور جاري ڪري ڇڏي وياج خورن جي خلاف ڪاروائي جو فيصلو

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد   ) ڪشمور ضلعي اندر وياج خورن جي لسٽ ايس ايس پي ڪشمور جاري ڪري ڇڏي وياج خورن جي خلاف ڪاروائي جو فيصلو تفصيل موجب: ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ پاران ضلعي اندر وياج جو ڪم ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو وياج جو ڪم ڪندڙن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سڄي ضلعي اندر 204 ماڻهن جا نالا شامل آهن جيڪي وياج جو ڪم ڪري رهيا آهن ايس ايس پي ڪشمور جڏهن ته ذريعن موجب ته ڪجھ بااثر وياج خورن جا نالا لسٽ ۾  شامل نه آهن جن ۾ ڪشمور گڊو بخشاپور  بڊاڻي ڪنڌڪوٽ غوثپور ڪرمپور تنگواني رسالدار ۽ ٻين ننڍن علائقن ۾ وياج جو ڪاروبار ڪري رھيا آهن غريب مسڪين ٻنھن ھٿن سان لٽي رھيا آهن موٽرسائيڪل,شوروم- ٽريڪٽر,شوروم- ڪار-شوروم ڪپڙي جا دڪان گدامي ۽ ٻيا شامل آهن وياج جي ڪاروبار ۾ اڪثريت ھندو بجا۽ مسلمان جي آهي جنهن جي خلاف ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ پاران ضلعي ڪشمور اندر وياج خورن جي لسٽ ڪشمور ضلٿي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ڏانھن جاري ڪري ڇڏي آهي  ڪشمور ضلعي اندر وياج جو ڪم ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آھي

Read Previous

خيرپور : ڳوٺ آدم خان مھراڻي ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي نه ھجڻ ڪري علائقي واسين جو احتجاج

Read Next

25 آڪٽوبر تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو هڻنداسين :جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي

Most Popular