25 آڪٽوبر تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو هڻنداسين :جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته 25 آڪٽوبر تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو هڻنداسين ۽ پنجاب ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري دنيا کي ٻڌائينداسين ته سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ وفاق طرفان سنڌ سان ٿيل ڪابه ناجائزي برداشت نه ڪنداسين، هن اهڙو اظهار خيرپور ۾ مختلف هنڌن پنج گلا چوڪ، لقمان ۽ ڳوٺ چنا سمنگ ۾ مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، ديدار شام، اياز ڪورائي، ايوب لاشاري ۽ ٻين سان گڏ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق کي ڪنهن به آرڊيننس جي ذريعي سنڌ جي زمين تي والارڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ جو عوام انهي جي خلاف آرڊيننس جي رد ٿيڻ تائين ڀرپور مزاحمت ڪندو، هن چيو ته سنڌ کي پيپلز پارٽي جي آسري تي ڇڏڻ بدران اسان پاڻ ڌرتي جي حفاظت ڪنداسين، هن چيو ته صدارتي آرڊيننس سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۽ حاڪميت تي ڌاڙي وارو آرڊيننس آهي، عوام 25 آڪٽوبر تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاج ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري.

Read Previous

ڪشمور ضلعي اندر وياج خورن جي لسٽ ايس ايس پي ڪشمور جاري ڪري ڇڏي وياج خورن جي خلاف ڪاروائي جو فيصلو

Read Next

بلاول ڀٽو زرداري سنڌ پوليس سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آءِ جي هائوس پهچي ويو

Most Popular