قاضي احمد اسپيڪٽرم انسٽيٽيوٽ طرفان ڪيريئر ڪائونسلنگ پروگرام منعقد ڪيو ويو

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) قاضي احمد اسپيڪٽرم انسٽيٽيوٽ طرفان ڪيريئر ڪائونسلنگ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ خاص مهمان ڊي ايم سي شهيد بينظيرآباد سر نیاز احمد اڄڻ صاحب، هر دل عزيز سماجي شخصيت محمد اسماعيل خان مري صاحب، ڊاڪٽر خالد حسين سومرو ۽ نسيم اختر چانڊيو جن شرڪت ڪئي سنڌ جي ثقافت جو حصو بڻائيندي پرنسپال انجنيئر ذوالفقار علي خاصخيلي ۽ ايڊمنسٽريٽر راجا ظهير احمد جوڻو خاص مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا. پروگرام دوران خطاب ڪندي ڊي ايم سي شهيد بينظيرآباد سر نیاز احمد اڄڻ چيو ته بي بي ايس ايڇ آر آر ڊي بي پروگرام تحت هزارين شاگردن کي مفت سکيا ۽ وظيفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته هلندڙ پروگرام ۾ 3 هزار کان وڌيڪ پراجيڪٽس هلي رهيا آهن, جنهن مان هزارين شاگرد مفت سکيا وٺي هنرمند ۽ قابل بڻجي سگهن ٿا. ڊي ايم سي وڌيڪ چيو ته قاضي احمد جا نوجوان شاگرد پڻ پروگرام مان انيڪ فائدا حاصل ڪري سگهن ٿا. پروگرام کي خطاب ڪندي سماجي اڲواڻ محمد اسماعيل خان مري چيو ته اسان جا نوجوان تمام گهڻا محنتي ۽ هوشيار آهن, هي شاگرد اهڙن پروگرامن مان سيکا وٺي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا, محمد اسماعيل خان مري اسپيڪٽرم انسٽيٽيوٽ ۾ هلندڙ پروگرام ۽ جاري تعليم ۽ استادن توڙي شاگردن جي تعريف پڻ ڪئي. پروگرام دوران ڊاڪٽر خالد حسين سومرو ۽ نسيم اختر چانڊيو ڪيريئر ڪائونسلنج ۾ شاگردن جي حوصلا افضائي ۽ تعريف پڻ ڪئي. جڏهن ته شاگردن پروگرام ۾ تقريرون, ڪلام ۽ خاڪا پڻ پيش ڪيا…

Read Previous

گهوٽڪي مان امن جو پکي اڏامجي ويو، ابدامني عروج تي ، پورهيت عبدالجبار ڪلوڙ اغوا،

Read Next

مورو ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

Most Popular