مورو ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

مورو (محمد انيس ڪلھوڙو )مورو ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن جي اڳواڻي يونين جي چيئرمين امتياز احمد  ملاح اسلم عباسي  شاهنواز ملاح شيراز احمد ميمڻ جان محمد چنڊ شفقت قريشي ملوڪ کوسو عبدالحميد گهانگهرو  عبدالخالق سومرو خان محمد منگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي نجڪاري خلاف سخت  لاءِ نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن  چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ واپڊا جي نجڪاري نه ٿيڻ ڏينداسين اهو مزدور دشمن عمل آهي هنن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان بجلي شعبي کي صوبن جي حوالي ڪيو پيو وڃي ۽ بجلي بلن رڪوري لوڊ شيڊنگ پروگرام صوبن جي حوالي ڪيو پيو وڃي ۽ بجلي جي سپلائي ڪندڙ سنڌ جي ڪمپنين حيسڪو ۽ سيپڪو کي پڻ سنڌ حڪومت حوالي ڪري نجي شعبي کي وڪرو ڪئي ويندي هنن چيو ته بجلي جي هلندڙ نظام کي درهم برهم ڪرڻ بدران واپڊا کي هڪ ڪيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري وارو مزدور دشمني وارو عمل بند ڪرايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ خراب حالتن جي ذميداري وفاقي حڪومت تي هوندي

Read Previous

قاضي احمد اسپيڪٽرم انسٽيٽيوٽ طرفان ڪيريئر ڪائونسلنگ پروگرام منعقد ڪيو ويو

Read Next

سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ آڏو

Most Popular