![](https://dailyaas.com.pk/wp-content/uploads/2020/10/WhatsApp-Image-2020-10-21-at-7.26.59-PM-e1603293056225.jpeg)
مٽياري : عشق رسول هي ڇوٽڪاري جو واحد ذريعو آھي آقاﷺ جي آمد تي خوشي جو اظهار ڪرڻ عشق رسولﷺ جي علامت آھي الله خود فرمائي ٿو منهنجي نعمتن کي ڳايو ۽ ان جو چرچو ڪريو يقينن حضور آقا ڪرم ﷺ دنيا ۾ اچڻ سڀ کان وڏي نعمت آ سڀ نعمتون سهڻي نبي ﷺ صدقي مليون اهڙن خيالن جو اظهار روحاني دعوت مٽياري طرفان قادري آستانه مٽياري تي ٿيندڙ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ روحاني شخصيت فقير سائين علي اڪبر قادري خطاب ڪندي چيو ان چيو تہ انسان ذات جي فلاح و بهبود حضور آقا ڪريم ﷺ جي ڏنل رستي ۾ آھي ان موقعي تي مشهور عالم دين مولانہ علي اصغر قادري پڻ جزباتي خطاب ڪيو ۽ مشهور نعت خوان محمد جواد قادري سائين محمد فواد قادري سجاد قادري حماد قادري مستجاب علي ۽ آخر ۾ ذڪر الله ڪيو ويو صلواته اسلام پڙھي دعا گهري وئي.