سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ آڏو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو متحده فڊريشن اڳواڻن خان محمد نظاماڻي    ،اياز اعواڻ ، ڪاشف ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ايريگيشن کاتي ۾ رياض ڀرڳڙي جھڙا ماڻهو غريب ملازمن جا حق ڦٻائي ويٺا آهن انهن کي نيب به ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي،  ھنن چيو ته سن ڪوٽا صحت ڪون سهولتن سميت ٻيا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو هنن چيو ته سلسلي وار احتجاج جو اڄ ٽيون مرحلو آهي سڄي سنڌ ۾ احتجاج آهن پر حڪومت جي ڪن تي جون به نه سري آهي مطالبن جي مڃتا لا ڪراچي جو رخ ڪرڻو پيو ته ڪنداسين پنهجي حقن خاطر ماٺ ڪري نه وهنداسين احتجاجي ريلي ايريگيشن آفيس کان پريس ڪلب تائين اسانجو حق هتي رک جي نعرن سان گونجندي پريس ڪلب پهتي .

Read Previous

مورو ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

Read Next

عشق رسول هي ڇوٽڪاري جو واحد ذريعو آھي آقاﷺ جي آمد تي خوشي جو اظهار ڪرڻ عشق رسولﷺ جي علامت آھي

Most Popular