ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن 6 ڌاريل مارجي ويا، ٺڪاڻن کي باهه

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ) خيرپور ضلعي جي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ۾ خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي پوليس جو آپريشن، 6 ڌاڙيل مارجي ويا، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي اڳواڻي ڪنهن ڪئي، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش جي دعوائن ۾ تضاد. خبر موجب خيرپور ضلعي جي ڪنگري تعلقي جي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ۾ خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي پوليس آپريشن ڪري 6 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪچي ۾ سرچ آپريشن ڪري رهي هئي ته ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ بدنام ڌاڙيل ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، ملڻ شيخ، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل آهن، مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو مٿان سنڌ حڪومت جا 10-10 لک رُپيا انعام رکيل هو. آپريشن دوران پوليس ڌاڙيلن جي 20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، پوليس طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو گهيراءُ ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس اضافي نفري به طلب ڪئي وئي، پوليس مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي موجودگي تي اطلاع آپريشن ڪيو ته ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي اڳواڻي تي ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي دعوائن ۾ تضاد آهي، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي پي آر او طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خيرپور پوليس جي اڳواڻي ۾ ٿيل آپريشن دوران 6 بدنام ڌاڙيل مارجي ويا، هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته خفيه اطلاع ملڻ تي خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي پوليس ڪچي واري علائقي ۾ پھتي ته ڌاڙيلن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ 6 بدنام ڌاريل مارجي ويا، جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش دعويٰ ڪئي آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي اڳواڻي لاڙڪاڻو پوليس ڪئي، ڊي آءِ جي سکر چيو آهي ته خيرپور ۽ لاڙڪاڻو پوليس گڏيل طور ڪچي ۾ آپريشن ڪيو، ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري رکيو ويندو. هوڏانهن علائقي ۾ اهي چوٻول آهن ته گذريل رات کان ڌاڙيلن جي ٽولن جي پاڻ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ هلندڙ هئي، ڌاڙيل جي جهيڙي ۽ مارجڻ کان پوليس به لاعلم هئي، ڌاڙيلن جي پاڻ ۾ وڙهي مرڻ جي اطلاعن بعد خيرپور پوليس ۽ لاڙڪاڻو پوليس پهچي لاشن جا فوٽو ڪڍي مقابلن جي دعويٰ ڪئي آهي.

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي ڪتو به کاڌائين، ڪُک به نه ڀَريس

Read Next

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي آگاھي جي سلسلي ۾ پنڪ ڊي سينيٽ ھال ۾ ملھايو ويو

Most Popular