مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي ڪتو به کاڌائين، ڪُک به نه ڀَريس

سيد غلام حيدر شاھ قلندري

انسان ويچارو ڊوڙ ڊوڙان جي سفر ۾ ڪڏھن ھيڏانھن ڪڏھن ھوڏانھن ڌڪان ڌومان لذتن جي پويان ذلتون، عزتن جي پويان حاسدين جا حوالا، محبتن جي پويان نفرتون، اميرن جي پويان غريبن جو ريھون ۽ ڪوڪون، ڀريل پيٽ وارن جي پويان بکايلن جون نظرون، ڪارپيٽ روڊن تي گھمندين ڀڳل رستن وارن جون تمنائون، وڏين عمارتن جي ڇانوَ ۾ جھوپڙين وارن جون ٿڌيون ٿديون سھڪيون، وڏين سوارين وارن جي اڳيان پويان ڊڪندڙ وي جا نشان ھڻندڙن نوڪرين لاءِ التجائون، بي اولادي کي اولاد لاءِ دعائون ۽ اميدون، اولاد وارن لاءِ فرمانبرداري لاءِ آسون، تعليم لاءِ ڏوڪڙن جي ضرورت، ڏوڪڙ وارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اولاد کي منٿون ميڙون، ڪنوارن لاءِ شادي جون جلد کان جلد ڪرڻ لاءِ ڪوششون، شادي شده لاءِ فھرستون سامان جون ھٿن ۾، دربدر گھرن لاءِ پڇتائن ۾، گھر وارا گھمڻ لاءِ پريشاني ۾، ڪن کي ڪتابن لاءِ رقمون درڪار، ڪٿي وري ڪتابن لاءِ پڙھڻ وارا درڪار، ڪٿي شاگرد استاد ڳوليندين، ڪٿي استاد ايسو پيس جي سھولت حاصل ڪرائڻ لاءِ ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ آتا، اقتدار ڌڻي اقتدار کي بچائڻ لاءِ پريشان، اقتدار کان محروم تخت تي پهچڻ لاءِ جاکوڙڻ ۾، ڪٿي خوراڪ لاءِ انسان پريشان، ڪٿي خوراڪ ھضم ڪرڻ لاءِ ويچارن جا پيٽ تي ھٿ، ڪٿي مريضن جون زندگيءَ لاءِ دعائون، ڪٿي زندگي وارن جون مرڻ لاءِ دعائون، مطلب ته ڪٿي چور سڃان ڪٿي ڍور سڃان، ڪيترن انسانن نفسانفي جي عالم ۾ ڪتو ڇيلو سمجھي کاڌو مطلب حرام کي حلال سمجھي پر پيٽ نه ڀريو، جيڪڏهن اھڙا بي ڍوان انسان ڪٿي ملن ته مٺيون ڀيڙي ڀڄو.

Read Previous

عراقي بينڪ جي انوکي آڇ: ٻئي شادي ڪريو ۽ هڪ ڪروڙ روپيه روڪ وٺو

Read Next

ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن 6 ڌاريل مارجي ويا، ٺڪاڻن کي باهه

Most Popular