قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي آگاھي جي سلسلي ۾ پنڪ ڊي سينيٽ ھال ۾ ملھايو ويو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي آگاھي جي سلسلي ۾ پنڪ ڊي سينيٽ ھال ۾ ملھايو ويو ان موقعي تي ينورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون، پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ساند سانگھڙ جي آر ايڇ ايس سنٽر جي انچارج ڊاڪٽر خالده طارق پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊاڪٽر شيلا شاهه پنڪ ڊي سيمينار جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ساجدھ سومرو خطاب ڪندي چيو ته آڪٽوبر جي مھيني ۾ بريسٽ ڪينسر جي آگاھي جو مھينو ملھايو ويندو آهي انھي سلسلي ۾ آڄ ھي آگاھي پروگرام ڪيون پيا ھي مرض قابلي علاج آھي عورتن جي ھڪ وڏي تعداد انھي بيماري جو علاج ڪرائڻ کان پاسو ڪنديون آھن جنھن جي ڪري اھي عورتون تيزي سان موت ڏانھن وينديون آهن ان لاءِ موضي مرض کان بچڻ لاءِ اسان کي کپي ته اسين ان سلسلي ۾ عورتن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي بچائڻ لاءِ انهن کي وڌ کان وڌ ڄاڻ فراهم ڪيون ته جيئن ھو بروقت پنھنجو علاج ڪرائي پنهنجي زندگيءَ بچاء سگھن ڇو ته زندگيءَ قدرت جي وڏي نعمت آھي آگاھي پروگرام ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ، ينورسٽي جي پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ساند ، پروفيسر ڊاڪٽر عثمان ڪيريو ، پروفيسر ڊاڪٽر عمير، ڊاڪٽر ساجدھ سومرو، ڊاڪٽر شھلا شاهه ۽ ٻين وڏي تعداد۾ شرڪت ڪئي

Read Previous

ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن 6 ڌاريل مارجي ويا، ٺڪاڻن کي باهه

Read Next

نوابشاهه: ھوم بيسڊ ورڪرز فيڊريشن پاران گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان سيمينار منعقد ڪيو ويو

Most Popular