دين، وطن ۽ انسان،
اسماعیل توحيدي،
محبت ۽ عقيدت انساني فطرت جو حصو آهي ۽ ھن دنيا ۾ ڪو به اھڙو انسان موجود ڪونھي جنھن جي من ۾ محبت ۽ عقيدت وارو رشتو نہ ھجي، انسان ننڍپڻ واري زندگيءَ ۾ پنھنجي امڙ، ابي ۽ ٻين رشتيدارن سان محبت ڪندو آھي، گڏوگڏ راند روند سان به محبت ڪندو آھي، عمر گذرڻ سان گڏ محبت ء عقيدت جو ميدان به تبديل ٿيندو رھندو آھي، پوءِ ھر ڪو پنھنجي پسند مطابق محبت ۽ عقيدت جو ھڪ ميدان چونڊيندو آھي،
.
محبت ۽ عقيدت مختلف شين، جاين ۽ شخصيتن سان ٿيندي آھي، پر ٻن شين سان انسان بيحد محبت ۽ عقيدت رکندو آهي، 1: دين، 2 وطن، انھن ٻنھي شين جي محبت ۾ انسان پنهنجو وجود به وڃائڻ لاءِ تيار رھندو آھي، اسلام دين ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو حڪم ڏنو آهي، قرآن شريف جون ڪيتريون آيتون آهن جن مان وطن جي محبت ظاهر ٿئي ٿي، حضور صلي الله عليه وسلم جن جي به مڪي پاڪ سان انتھا درجي جي محبت ھئي، وطن سان محبت انساني فطرت جي عين مطابق آهي، ڇو ته انسان جتي ڄمي ٿو ۽ زندگيءَ جا ڏينهن گذاري ٿو، ان ھنڌ سان محبت ڪيئن نه رکندو؟ وطن کان ڏور رھڻ وقت وطن جي سڪ لڳندي آهي، انسان چاھيندو آھي ته ھر چيز ڇڏي وڃي پنھنجي وطن پھچي، اھڙي طرح انسان پنھنجي مذھب ۽ پنهنجي دين سان به بيحد محبت رکندو آهي، ڇو ته وطن سان محبت جو ڏس مذھب مان به مليو آهي،
.
اسان جي سماج ۾ ٻه انتھائون آھن، ھڪڙا صرف دين سان محبت ۾ اڳتي آھن ۽ اھي پنھنجي وطن جي ۽ وطن ۾ موجود غريبن، مسڪينن، بي پھچ ماڻھن ۽ ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ اڳتي نہ ٿا اچن، اھي صرف عبادتن، رياضتن ۽ چند مذھبي ريتن، رسمن تائين محدود آھن، ۽ وري ٻيا صرف ڌرتيءَ جي طرف متوجه آھن، يعني ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ تہ سجاڳ آھن، پر پنھنجي دين ۽ ڌرم کان پاسيرا آھن، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن مخالفت بہ ڪن ٿا، مولانا عبيدالله سنڌي رح انھن ٻنھي انتھائن کي رد ڪندي ھڪوچولو رستو ڏسيو آهي، يعني دين ۽ ڌرتي ٻنھي سان وابستگي، ٻنهي سان محبت ۽ عقيدت رکڻ، دين تي عمل ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ جي بي سھارن جي سار لهڻ گھرجي، مولانا عبيدالله سنڌي رح جي فلسفي ۽ فڪر جي عين مطابق يعني دين ۽ ڌرتيءَ سان محبت ۽ عقيدت جو جوڙ اوھان کي جمعيت علماء اسلام ۾ ملندو، ھن وقت بہ جمعيت علماءِ اسلام واحد جماعت آهي جيڪا دين ۽ ڌرتيءَ سان محبت به ڪري ٿي، ٻنھي جو دفاع بہ ڪري ٿي ۽ مظلوم طبقن جي لاءِ آواز بہ اٿاري ٿي، اچو ته سڀ گڏجي جمعيت علماءِ اسلام سان وابسته ٿيون، دين ۽ ڌرتيءَ کي گڏجي سنواريون،