استادن کان 25 سالن کان ورڌيڪ عرصو جو حق کسيل هئو اسان تمام ڊگهي جدوجهد کانپوءِ عدالتي حڪمن تي استادن کيبيلٽ پيپر جو حق ڏيارو آهي: پ ٽ الف

مورو ( رپورٽر محمد انيس ڪلھوڙو) مورو حافظ علي مراد مست پئنل جي اميدوار صدر سيد مختيار علي شآھ مختيار سينئر نائب صدر سيد شفيع محمد شآھ نائب صدر فيميل روزينہ ملاح جنرل سيڪريٽري اعجاز علي پٺاڻ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري آصف علي ڪورائي جوائينٽ سيڪريٽري زرينہ آرائين مالياتي سيڪريٽري محمد ياسين عالماڻي انفارميشن سيڪريٽري راشد مشوري آفيس سيڪرٽري علي محمد سنديلو ۽ ٻين استادن مورو ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو تہ مورو تعلقہ جي استادن کان 25 سالن کان وڌيڪ عرصو ووٽ جو حق کسيل هئو اسان تمام ڊگهي جدوجهد کان پوء عدالتي حڪمن تي استادن کي بيلٽ پيپر جو حق ڏياريو پر پ ٽ الف  تي قابض ٽولي بلٽ جي زور تي الڪشن ۾ بيلٽ جو حق کسي ورتو پ ٽ الف  مورو اليڪشن ڪميٽي جو چئيرمين وزير فرحاد سولنگي ۽ نام نهاد نگران سليم سومرو جي ملي ڀڳت سان پولنگ کان اڳ ئي اسان جي مخالف اميدوار کي بيلٽ پيپر ڏنا ويا جنهن جا  ثبوت موجود آھن ڊبل ووٽ  ھلايا ويا۽ ڪوڙا ٺپا ٺھرائي ڌانڌلي ڪرائي وئي سوين بيلٽ پيپرن تي استادن جي آڱوٺن جا نشان مؤجود ناهن سوين بيلٽ پيپر سرٽي ڪائونٽر ڦوليون گڏ آھن اليڪشن ڪميٽئي جي چيئرمين نام نهاد نگران اسان کي ۽ اسان جي ووٽرن کي اليڪشن عمل دوران ڌمڪيون ڏنيون اليڪشن ڪميٽئي چيئرمين ۽ نگران ووٽرن آڏو اعلان ڪندارهيا تہ حافظ  علي مراد مست پئنل سڌو سنون هارايو ويٺو آھي چئيرمين بہ ووٽرن کي ڌمڪيون ڏنيو تہ نذير علي شآھ کٽيو ويٺو آھي جيڪڏهن توهان ان کي ووٽ نہ ڏيندو تہ اليڪشن کانپوء اڳرا نتيجا  ڀوڳيندو چيئرمين اسان جي مخالف ڌر جي ميمرن کي اليڪشن عمل دوران اسسٽنٽ پرزائيڊنگ ڪري ويهاري ڇڏيو جنهن سبب بيلٽ پيپر جوتقدس پائمال ڪيو ويو آھي استادن کي زبردستي پنهنجي راء ڏيڻ کان روڪيو ويو آھي سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻھو ۽ j,s´t´ h s´t ميل في ميل استاد اليڪشن بوٿن ۾ ووٽرن تي دٻاء زور وجهندا رهيا ۽ استادن کان ووٽ  وٺڻ جي ڊمانڊ ڪندا رهيا ان علاوه ٻاهر گرائونڊ ۾ استادن کي ڌمڪائيندا رهيا جڌهن اسان اهي ڳالهيون اليڪشن ڪاميٽي جي چئيرمين نام نهاد نگران کي لکت ۾  ڏنيو تہ هنن اسان کي نازبيا الفاظ ڳالهائيندي چيو تہ عزت سان ٻاهر نڪري وڃونہ تہ توهان کي پوليس کان ٻڌرائينداسين بنا سيل جي بيلٽ پيپر آندا ويا ۽ بنا سيل جي اهي بيلٽ پيپر چيئرمين جي نگراني ۾ساڻ کڻي مخالف اميد وار جي گهر تي وڃي انهن ۾ کوڙ ساريون تبديليون ڪيون  اسين پ ٽ الف  سنڌ جي اليڪشن ڪميٽي وٽ اهڙي اپيل داخل ڪئي آھي  جڏهن تہ اسان اليڪشن ڪميٽي مرڪز کان گهر ٿا ڪيو تہ  اسان جي درخواست تي پ ٽ الف جي آئين۽ اليڪشن جي ضابطن جي روشني ۾ غور ڪري نتيجا رد ڪيا وڃن ۽ پ ٽ الف جي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جي نگراني ۾  پ ٽ الف  تعلقہ مورو جون نئين سري سان چونڊون ڪرايو وڃن

Read Previous

دين، وطن ۽ انسان،

Read Next

سينيٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي اغوا خلاف ٺهراءُ پيش

Most Popular