ايجوڪيشن کاتي ۾ جونيئر آفيسر 17هين مان 18هون گريڊ حاصل ڪرڻ بعد 19هين گريڊ جي ڪرسي تي ويهي تمام اختيارين جو غلط استعمال ڪرڻ لڳو

نوشهروفيروز(ڊ ر) ايجوڪيشن کاتي ۾ جونيئر آفيسر سيد ممتاز شاهه سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري 17هين مان 18هون گريڊ حاصل ڪرڻ بعد 19هين گريڊ جي پوسٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جي ڪرسي تي ويهي تمام اختيارين جو غلط استعمال ڪرڻ لڳو، سيد ممتاز شاهه 17هين گريڊ جو آفيسر ۽ ڊي ڊي او پاور نه هجڻ باوجود نوشهروفيروز ضلعي اندر ڳري رشوت عيوض فوتي ڪوٽا تي ڀرتيون ڪرڻ سان گڏ پابندي هجڻ باوجود بدليون ۽ مقرريون پڻ ڪري رهيو آهي ۽ سڄي ضلعي اندر تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ان کان علاوهه سيد ممتاز شاهه هڪ سال کان وڌيڪ غير حاضر رهندڙ استادن کان رشوت وٺي معطل ڪرڻ بجاءِ ٻيهر ڊيوٽين تي لڳائي ڇ ڏيو آهي ۽ ڊي ڊي او اختيار نه هجڻ باوجود ريٽائرمينٽ جا آرڊر جاري ڪندي جي پي فنڊ جا بل به منظور ڪري رهيو آهي جنهن جو مثال بايو ميٽرڪ جي سي او طرفان غير حاضر رهندڙ استادن کي بغير ڪارروائي جي رشوت عيوض رعايت ڏيڻ آهي اهڙي رعايت ۽ موڪل جو سروس بڪ ۾ انٽري نه هجڻ ان ڳالهه جي دليل آهي. جڏهن ته سي او ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کي لکت ۾ اهڙيون شڪايتون ڪري چڪو آهي. هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران سنڌ حڪومت سميت، نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين وس وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته سيد ممتاز شاهه خلاف غلط اختيار استعمال ڪرڻ ۽ رشوت عيوض ملازمن کي ٻيهر نوڪرين تي لڳائڻ جو نوٽيس وٺي کين بدلي ڪري هڪ ايماندار ۽ 19هين گريڊ جو آفيسر مقرر ڪري نوشهروفيروز ضلعي جي تعليم کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

Read Previous

ختم نبوت صله اسان جي ايمان جو حصو آھي,حضور صله جي ناموس خاطر اسان هر وقت قرباني ڏيڻ لاء تيار آھيون

Read Next

مٽياري: شهر سان تعلق رکندڙ آرٽ جي شاگرد جئيپال باگڙي جون پينٽنگس نمائش لاءِ رکيون ويون

Most Popular