ختم نبوت صله اسان جي ايمان جو حصو آھي,حضور صله جي ناموس خاطر اسان هر وقت قرباني ڏيڻ لاء تيار آھيون

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) ختم نبوت صله  اسان جي ايمان جو حصو آھي,حضور صله جي ناموس خاطر اسان هر وقت قرباني ڏيڻ لاء تيار آھيون.نمولانا جمال مصطفي تنيو تفصيل موجب جامع مسجد شيراز ڳڙھي خيرو ۾ 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ شهيد اسلام ڪانفرنس ۽ 13 نومبر تي جامع مسجد شيراز ۾ عشق رسولؐ و دفاع صحابهؓ ڪانفرنس جي سلسلي ۾ جمعيت علماء اسلام ضلع لاڙڪاڻي جي نائب امير مولانا جمال مصطفي تنيو جمعته المبارڪ جي اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته ختم نبوتؐ اسان جي ايمان جو حصو آھي, ان لاء اسان هر وقت پنهنجي ٻارن ٻچن سميت قربان ڪرڻ لاء تيار آھيون موجوده نااهل ۽ قاديان نواز حڪومت طرفان هر وقت ختم نبوت جي مٿان هر وقت حمله ٿا ٿين اسان مسلمان ختم نبوت جا پروانه ڪنهن به صورت ۾ انهن قادياني نواز حڪومت جا خواب پورا ٿيڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي جي يو آء تعلقه امير مولانا سليم الله بروهي, ٽائون امير اسدالله حيدري, جان محمد جمالي, عرفان علي لهر محمد الياس بروهي سميت وڏي انگ ۾ مسلمانن شرڪت ڪئي.

Read Previous

مورو: قومي شاهراهه ٽينڪر گاڏي مان اوچتو ٽائر نڪرڻ سبب نوجوان فوت

Read Next

ايجوڪيشن کاتي ۾ جونيئر آفيسر 17هين مان 18هون گريڊ حاصل ڪرڻ بعد 19هين گريڊ جي ڪرسي تي ويهي تمام اختيارين جو غلط استعمال ڪرڻ لڳو

Most Popular