مٽياري: شهر سان تعلق رکندڙ آرٽ جي شاگرد جئيپال باگڙي جون پينٽنگس نمائش لاءِ رکيون ويون

مٽياري شهر سان تعلق رکندڙ آرٽ جي شاگرد جئيپال باگڙي جون پينٽنگس نمائش لاءِ رکيون ويون, نمائش جو افتتاح جي ڊي اي اڳواڻ مٽياري سيد حسن مرتضا شاھ ڄاموٽ ڪيو، شهرين وڏي انگ ۾ پهچي نوجوان جي ڪم جا واکاڻ ڪئي. اسان وٽ آرٽ جي شعبي کي ڪابه اهميت نٿي ڏني وڃي پرائمري اسڪولن ۾ آرٽ جي شعبي بابت پڙهايو وڃي ته وڌيڪ ٽيلينٽ نکري سامهون ايندو. جئيپال باگڙي تفصيل موجب : مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر سان تعلق رکندڙ آرٽ جي نوجوان شاگرد جئيپال باگڙي جون مختلف پينٽنگس نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون مٽیاري جي شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري ۾ رکيل پينٽنگس جو افتتاح مٽياري ضلعي جي نوجوان سياسي سماجي شخصيت جي ڊي اي اڳواڻ سيد حسن مرتضي شاھ ڄاموٽ ڪيو جتي شهرين جي وڏي انگ پهچي نوجوان جي ڪم جي واکاڻ ڪئي ان موقعي تي سيد حسن مرتضي شاھ ڄاموٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٽياري ضلعي جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي پر بدقسمتي سان هتان جي نوجوانن کي سرڪار جي سرپرستي حاصل ناهي هن چيو ته آرٽ جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو حقیقت کي بيان ڪندا آهن جئيپال باگڙي جو ڪم ڏسي دل خوش ٿي وئي آهي ٻئي طرف مٽياري شوگر ملز جي جي ايم سيد جنيد اڪبر شاھ نوجوان جي ڪم جي تعريف ڪندي چيو ته مٽياري جا پڙهيل لکيل نوجوان ڏسي دل خوش ٿي ويندي آهي اسان پنهنجي آفيسن گهرن توڙي ڊرائنگ رومن ۾ موناليزا يا ٻئي ڪنهن انگريز مصور جون ٺاهيل تصويرون هڻڻ پسند ڪندا آهيون پر پنهنجي سنڌي نوجوانن جي ڪم کي اڳتي نٿا وڌايون اسان کي گهرجي ته اسين جئيپال باگڙي جهڙن نوجوانن جي ڪم کي اڳيان آڻيون جنهن سان اسان جي عزت ۾ اضافو ٿيندو ۽ نوجوانن جي حوصلا افزائي پڻ ٿيندي هوڏانهن آرٽ جي شاگرد جئيپال باگڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ آرٽ جي شعبي جي ڪابه اهميت ناهي پر سڌريل دنيا ۾ انهي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو هن چيو ته اسان کي پرائمري کان ئي آرٽ جو سبجيڪٽ پڙهائڻ گهرجي جنهن سان سنڌ جو ٽيلينٽ نکري نروار ٿيندو هن چيو ته مون پنهنجي پينٽنگس ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪڏهن سرڪار جي سرپرستي حاصل ٿئي ته اڃان به وڌيڪ ڪم ڪري سگهان ٿو، ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل جو اڳواڻ حامد قريشي، رضا ميمڻ، امتياز حسين خاصخيلي، سيتا رام باگڙي، راجا رام باگڙي، موھن لال باگڙي، گوپال داس باگڙي ۽ ٻيا موجود هئا،،

Read Previous

ايجوڪيشن کاتي ۾ جونيئر آفيسر 17هين مان 18هون گريڊ حاصل ڪرڻ بعد 19هين گريڊ جي ڪرسي تي ويهي تمام اختيارين جو غلط استعمال ڪرڻ لڳو

Read Next

سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ گڏجاڻي واپاري تنظيمن کي هدايت ڪئي ته اهي عام واهپي جي شين جا اگهه نئين سر ترتيب ڏيڻ

Most Popular