سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ گڏجاڻي واپاري تنظيمن کي هدايت ڪئي ته اهي عام واهپي جي شين جا اگهه نئين سر ترتيب ڏيڻ

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ اڄ 2 اهم گڏجاڻيون ٿئي گذريون جن دوران هن واپاري تنظيمن کي هدايت ڪئي ته اهي عام واهپي جي شين جا اگهه نئين سر ترتيب ڏيڻ دوران عوام کي رليف فراهم ڪرڻ کي نظر رکن ۽ سرڪار طرفان مقرر ڪيل اگهن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اڄ پنهنجي آفيس ۾ واپاري تنظيمن جي نمائندن سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ضلعي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه نئين سر ترتيب ڏيڻ جي لاءِ سمورين واپاري تنظيمن سان صلاح مشورو ورتو ۽ هدايت ڪئي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ ذخيره اندوزي کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته روينيو عملدار مارڪيٽن جي مسلسل نگراني ڪندا ۽ وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف پوليو مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ٻارڙن کي ترجيحي بنيادن تي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته مهم دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي هن چيو ته پوليو مهم جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي ۽ پوليو ٽيمن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

Read Previous

مٽياري: شهر سان تعلق رکندڙ آرٽ جي شاگرد جئيپال باگڙي جون پينٽنگس نمائش لاءِ رکيون ويون

Read Next

سموريون سماجي تنظيمون ڪارگردگي ۽ عملي ڪم ڪري ڏيکارين ۽ اين جي اوز جي تنظيمن کي گهرجي : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور

Most Popular