سموريون سماجي تنظيمون ڪارگردگي ۽ عملي ڪم ڪري ڏيکارين ۽ اين جي اوز جي تنظيمن کي گهرجي : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنرخيرپور احمد علي قريشي چيو آهي ته سموريون سماجي تنظيمون ڪارگردگي ۽ عملي ڪم ڪري ڏيکارين ۽ اين جي اوز جي تنظيمن کي گهرجي ته اهي پنهنجي پنهنجي پروجيڪٽن کي فوٽو سيشن تائين محدود نه رکن، عملي طور تي ڪم ڪن ۽ ورڪنگ ميپ ٺاهي ماهوار ڪارگردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻارهال ۾ ضلعي خيرپور ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري، غير سرڪاري تنظيمن صحت، تعليم، صفائي، سٿرائي، ماءُ ۽ ٻار جي سار سنڀال جهڙي منصوبن تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو ته آن گرائونڊ ڪم ڪندڙ اين جي اوز پنهنجي ماهوار ڪارڪردگي رپورٽ ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرائن، هر تنظيم ڏيهي ۽ پرڏيهي ڊونر اداري جو نالو، پنهنجو ورڪ پلان، پلان موجب علائقن جا نالا، خرچ ٿيندڙ رقم، عوام کي فائدو ڏيڻ بابت تفصيل تحريري طور جمع ڪرائن، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سماجي بهبود ايجنڊا مطابق پنهنجيون سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ هينڊز، آءِ آر سي، نيوٽريشن اسٽارٽ انٽرنيشنل، شفا فائونڊيشن، عورت فائونڊيشن، روٽڙي انٽرنيشنل، ريڊڪريسنٽ، همدرد، ڳوٺ سينگار فائونڊيشن، سيوا، اين ڊي ايف سي جي ۽ ٻين تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

Read Previous

سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ گڏجاڻي واپاري تنظيمن کي هدايت ڪئي ته اهي عام واهپي جي شين جا اگهه نئين سر ترتيب ڏيڻ

Read Next

رٽائرڊ ڪلرڪ ۽ رٽائرڊ سپريٽنڊنٽ چيڪ صوبائي محتسب جي آفيسر حوالي ڪيو

Most Popular