رٽائرڊ ڪلرڪ ۽ رٽائرڊ سپريٽنڊنٽ چيڪ صوبائي محتسب جي آفيسر حوالي ڪيو

خيرپور (ڊر) صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ اعجاز علي جي خاص هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ خيرپور، خيرپور ميونسپل ڪميٽي آڪٽرا جي سپرينٽنڊنٽ عبدالواحد خاصخيلي ۽ رٽائرڊ ڪلرڪ محمد بخش نيازي پاران رٽائرمنٽ کان پوءِ کاتي پاران رهتن جي ادائيگي نه ٿيڻ تي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب خيرپور جي آفيس ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. صوبائي محتسب جي ريجنل آفيسر غلام قاسم بلوچ درخواست تي شنوائي ڪندي ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ذميوار آفيسرن کي گهرائي سپريٽنڊنٽ عبدالواحد خاصخيلي ۽ رٽائرڊ ڪلرڪ محمد بخش نيازي کي فوري ادائيگي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ميونسپل ڪاميٽي خيرپور پاران رٽائرڊ ڪلرڪ محمد بخش نيازي جي 6 لک 74 هزار 543 جي رهتن مان هڪ لک ۽ رٽائرڊ سپريٽنڊنٽ عبدالواحد خاصخيلي کي 17 لک 28 هزار 470 مان هڪ لک روپين جو چيڪ صوبائي محتسب جي آفيسر حوالي ڪيو، جنهن ٻنهي رٽائرڊ ملازمن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي چيڪ ڏنا ۽ بقايا رقم جي ادائيگي لاءِ ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي آفيسر ايندڙ فنڊن مان رهتون ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

Read Previous

سموريون سماجي تنظيمون ڪارگردگي ۽ عملي ڪم ڪري ڏيکارين ۽ اين جي اوز جي تنظيمن کي گهرجي : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور

Read Next

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ابوپوٽو سان يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر (ريٽائرڊ) ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي

Most Popular