ڳوٺ مغري جو ڊڙو ۾ گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪيترائي زخمي

خيرپور ناٿن شاه  (رپورٽ. اختر مشوري  ) خيرپور ناٿن شاه لڳ ڳوٺ مغري جو دڙو ۾ اڄ صبح جو صدام حسين لغاري پنج نامعلوم هٿياربندن سان گڏجي عبدالحميد لغاري جي گهر ۾ گهڙي پنهنجي زال سيما لغاري کي پسٽل جا فائر ڪري پيٽ ۾ گوليون هڻي  سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏھن ته هڪ ساله معصوم ڌيء مسڪان کي اک ۾ گولي هڻي  موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو.. جڏھن ته زخمي سيما  لغاري ۽ قتل ٿيل معصوم نينگري مسڪان کي وارث تعلقه اسپتال ڪي اين شاه کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن طرفان زخمي ٿيل عورت سيما لغاري کي پيٽ ۾ گوليون هجڻ سبب ترت علاج لا۽ ريفر ڪيو ويو. اهڙي اطلاع ملڻ باوجود گوزو ٿاڻي جو انچارج بشير لاکير جا۽ واردات تي بروقت نه پهچي سگهيو. جنهن سبب  ڳوٺ جي ماڻھن ۽ وارثن ۾ شديد ڪاوڙ  جي لهر  ڇانئجي وئي آھي. جڏھن ته جوابدار صدام حسين لغاري ۽ سندس نامعلوم هٿياربند موقعي تي ئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. آخري اطلاعن موجب پوليس طرفان ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ۽نه ئي ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو.

Read Previous

ڪشمور سنڌ پنجاب بارڊر ديرا موڙ چيڪ پوسٽ پوليس جو خاص زريعو ھزارين ٽن ڪڻڪ ۽ ايراني ڊيزل غيرقانوني طرح اسملنگ ٿيڻ جو انڪشاف

Read Next

نيوسعيدآباد جي تايخ ۾ پهريون ڀيرو شھر جا روڊ رستا ڌوتا ويا, ربيع الاول جي مبارڪ مهيني ۾ گهٽين،روڊن ۽ وارڊن ۾ صفائي جو خاص بندو بست ڪيو ويو آھي

Most Popular