گهانا: گهانا ۾ تعمير هيٺ 3 ماڙ چرچ جي عمارت پٽ پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب مغربي آفريڪي ملڪ گهانا ۾ 3 ماڙ چرچ جي ڇت ان وقت پٽ پئجي وئي جڏهن اتي وڏي انگ ۾ ماڻهو عبادت ۾ مصروف هئا. عمارت ڪرن سبب 22 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. ملبي مان 15 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي. ريسڪيو ادارين امدادي ڪمن جي شروعات ڪندي مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي جتي حادثي ۾ 11 عورتن، 10 مردن ۽ هڪ ٻارڙي جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. زخمين مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. عمارت پٽ پوڻ سبب عمارت ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا ۽ هاڻ درجنين ماڻهو ملبي هٿان دٻيل هجڻ سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. 3 ماڙ چرچ جي عمارت ۾ 1994ع کان تعميراتي ڪم جاري آهي.