پورهيت خان محمد ڌاريجو جي زال مسمات حسنا پنهنجي مڙس ء ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب قاضي احمد ۾ احتجاج

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي( پورهيت خان محمد ڌاريجو جي زال مسمات حسنا پنهنجي مڙس ء ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب قاضي احمد ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان ابن ڏاڏن کان ڳوٺ محمد يوسف ڌاريجو ۾ ويٺل آهيون جتي گذريل سال ڏيڍ کان اسان جا عزيز سومر ڌاريجو سندس پٽ محمود ڌاريجو ء ڀاءُ ايوب ڌاريجو ڏاڍ جي زور تي زبردستي اسان کي پنهنجي گهر جي پلاٽ مان لڏائي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ڪري هو ڪيترائي ڀيرا اسان مسڪينن تي هلان ڪري جھيڙا ڪندا رهيا آهن جنهن جي اسان بار بار قاضي احمد ٿاڻي ء نواب ولي محمد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرايون آهن مگر پوليس سندن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري نيٺ گذريل رات اسان جي گهر جي چادر ء چوديواري جو تقدس پامال ڪندي زبردستي گھر ۾ گهڙي مون سان ء منهنجي معصوم ٻچن کي ڌڪ هنيا اٿن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون اٿن ته جيڪڏهن ڳوٺ مان لڏي پلاٽ سندن حوالي نه ڪيو ته مونکي ء منهنجي ٻچن کي ماري ڇڏيندا جنهن جي رپورٽ اسان قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرائي سرڪاري اسپتال علاج لاءِ ويا آهيو جتي ڊاڪٽر صالح انڙ پوليس ليٽر کان سواءِ علاج کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن بعد اسان وري قاضي احمد ٿاڻي تي ليٽر لاء ويا آهيون پر هون ليٽر نٿا ڏين جنهن بعد مجبور ٿي اسان پريس ڪلب دانهن کڻي آيا آهيون ته اسان غريب مسڪين آخر ڪاڏي وڃون ڪنهن کي دانهن ڏيون، ان موقعي تي هنن ايس ايس پي شھيد بينظير آباد ء ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي قاضي احمد پوليس کان ليٽر ڏياريو وڃي ته جيئن اسان پنهنجو علاج ڪرائي سگهون.

Read Previous

آفريڪي ملڪ گهانا ۾ چرچ جي ڇت پٽ پوڻ سبب ٻاويهه ڄڻا دٻجي فوت

Read Next

سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني آرڊيننس ذريعي وفاق پاران قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Most Popular