پاڪستان ڪمزور زمبابوي جي ٽيم تي زبرست حملا ڪندو

لاهور: پاڪستان ڪمزور زمبابوي جي ٽيم تي زبرست حملا ڪرڻ جا منصوبا ٺاهڻ لڳو آهي. محدود اوورز جي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابراعظم ۽ نائب شاداب خان ڪمزور زمبابوين ٽيم جي خلاف مثبت ڪرڪيٽ کيڏڻ جو عزم ڪيو آهي. پي سي بي پاران جاري وڊيو ۾ بابراعظم واضح ڪيو آهي ته راند ۾ جدت سان تيزي ايندي پئي وڃي، ان جي لاءِ مثالي فٽنيس جي ضرورت پوندي، بطور ڪپتان ۽ نائب ڪپتان اسان کي ان ڏس ۾ ٻين جي لاءِ مثال قائم ڪرڻو آهي، پاڪستان کي آئنده ڪجهه مهينن ۾ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، اسان ان ۾ جارحاڻي حڪمت عملي ٺاهي ٽيم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽاپ رينڪ ٽيمن ۾ شامل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.

Read Previous

ڀارتي گلوڪاره نيها ڪَڪڙ شادي ڪري ڇڏي

Read Next

آفريڪي ملڪ گهانا ۾ چرچ جي ڇت پٽ پوڻ سبب ٻاويهه ڄڻا دٻجي فوت

Most Popular