آفريڪي ملڪ گهانا ۾ چرچ جي ڇت پٽ پوڻ سبب ٻاويهه ڄڻا دٻجي فوت

گهانا: گهانا ۾ تعمير هيٺ 3 ماڙ چرچ جي عمارت پٽ پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب مغربي آفريڪي ملڪ گهانا ۾ 3  ماڙ چرچ جي ڇت ان وقت پٽ پئجي وئي جڏهن اتي وڏي انگ ۾ ماڻهو عبادت ۾ مصروف هئا. عمارت ڪرن سبب 22 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. ملبي مان 15 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي. ريسڪيو ادارين امدادي ڪمن جي شروعات ڪندي مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي جتي حادثي ۾ 11 عورتن، 10 مردن ۽ هڪ ٻارڙي جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.  زخمين مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.  عمارت پٽ پوڻ سبب عمارت ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا ۽ هاڻ  درجنين ماڻهو ملبي هٿان دٻيل هجڻ سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. 3 ماڙ چرچ جي عمارت ۾ 1994ع کان تعميراتي ڪم جاري آهي.

Read Previous

پاڪستان ڪمزور زمبابوي جي ٽيم تي زبرست حملا ڪندو

Read Next

پورهيت خان محمد ڌاريجو جي زال مسمات حسنا پنهنجي مڙس ء ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب قاضي احمد ۾ احتجاج

Most Popular