پ پ پ اڳواڻ امتياز علي پاشا خان ٻٽ سان ٻٽ ھائوس تي تحريڪ انصاف پارٽي سان واسطو رکندڙ مير رياض سومرو ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

ميھڙ رپورٽر(ميربابا)  پ پ پ اڳواڻ امتياز علي پاشا خان ٻٽ سان ٻٽ ھائوس تي تحريڪ انصاف پارٽي سان واسطو رکندڙ مير رياض سومرو ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. پ پ پ اڳواڻ امتياز علي پاشا خان ٻٽ چيو تہ پ پ پ غريب مسڪين ماڻهن جي پارٽي آهي عوام جي لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن . ان موقعي تي مير رياض سومري چيو تہ پي ٽي آئي ملڪ دشمن پاليسي اختيار ڪئي آھي سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق ۾ شامل ڪرڻ سنڌ جي معدنياتي وسيلن تي ڌاڙا ھڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن . اھو مذمت جوڳو عمل آهي ان ڪري مان تحريڪ انصاف پارٽي کي الوداع ڪري برادري سميت پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيا ٿو ۽ پي ٽي آئي ايم پي شھريار شر کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ اپيل ٿو ڪيان تہ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري پ پ پ ۾  شموليت اختيار ڪري ڇڏ اسان توھان سان گڏ آھيون .پ پ پ غريب مسڪين ماڻهن جو آواز آهي جيڪو بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ موجود آهي .

Read Previous

ايڊووڪيٽ سويت رآء پاران پنھنجي بابي سرڳواسي وسند رآء جي ياد ۾ ھاء اسڪول ون ميھڙ ۾ ڪرايل ترقياتي ڪم جي افتتاحي تقريب ٿي گذري

Read Next

قومي عوامي تحريڪ طرفان جيجي زرينه بلوچ جي 15 ورسي ملهائي وئي

Most Popular