ايڊووڪيٽ سويت رآء پاران پنھنجي بابي سرڳواسي وسند رآء جي ياد ۾ ھاء اسڪول ون ميھڙ ۾ ڪرايل ترقياتي ڪم جي افتتاحي تقريب ٿي گذري

ميھڙرپورٽر(ميربابا) ايڊووڪيٽ سويت رآء پاران پنھنجي بابي سرڳواسي وسند رآء جي ياد ۾ ھاء اسڪول ون ميھڙ ۾ ڪرايل ترقياتي ڪم جي افتتاحي تقريب ٿي گذري! تقريب ۾ ھندو پنچائت جو اڳوڻو مکي دادا تولارام پيرآف ميھڙ سيدمحمد شاھ رضوي تمندار ڪونسل جو چيئرمين تمندار صدا حسين چانڊيو ايڊووڪيٽ سويت رآء ۽ ھيڊ ماستر عزيز الرحمن مھيسر گڏجي اسٽيج تي لڳل ماربل ۽ ديوارن تي ٽائل جي ترقياتي ڪم جو افتتاح ڪيو! افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پيرآف ميھڙ سيد محمد شاھ رضوي ايڊووڪيٽ سويت رآء سيٺ وجي ڪمار سيٺ انند رآء!  دادا تولارام ڊاڪٽر عبدالمجيد ٻليدائي دعا فائونڊيشن جي چيرمين زبيراحمد ڀرٽ  سماجي اڳواڻ ممتاز سومرو شفيق احمد چنا مھراڻ سوشل فورم ميھڙ جي چيئرمين رياض چانڊيو اسٽيٽ بروڪر نذير جانوري سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي سرپرست اعلي حبيب حضوري ۽ ٻين چيو ته ھاء اسڪول ون ميھڙ جي تاريخي ۽ قديمي  عمارت ميھڙ جي تاريخي ۽ قديمي  عمارتن مان ھڪ آھي!  اسڪول ۾ اچي اسانکي پنھنجو ٻاروتڻو ياداچي ويو آھي! اسڪول جي قديمي عمارت کي ڏسي اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آئيون آھن ايڊووڪيٽ سويت رآء ۽ وجي ڪمار پنھنجي پاپا سرڳواسي وسند رآء جي ياد ۾ اسڪول جو ترقياتي ڪم ڪرائي اجر ڪمايو آھي !  اسان سڀني کي به  اڳتي اچڻ گھرجي ! افتتاحي تقريب ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن وڪيلن استادن ۽ سماجي ورڪرن ذوالفقارعلي کوکر سبوا اڳواڻ مير عطاء الله بروھي سنڌ سلامت فورم جي آفتاب چنا عاشق سومرو ! ايڊووڪيٽ شيرعلي چانڊيو محمد علي ڪانڌڙو سجاد علي چنا استادن ايف اي علي گوھرسيال امتياز علي شيخ نذيراحمد گلال  گسٽا يونٽ پريزيڊنٽ مختيار علي نوناري سابق ھيڊ ماستر ارشاد علي سولنگي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي! آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپيون ڏنيون ويون! ۽ سرڳواسي سيٺ وسند رآء جي پٽ وجي ڪمار کي پڳ پارائي وئي!

Read Previous

امام حسين عليه السلام جي چھلم جي موقعي تي مذھبي فسادپکيڙي خونريز جھيڙي ڪرائڻ واري سازش کي ناڪام بنائي مذھبي ڌرين کي پاڻ ۾ کيرکنڊ ڪرڻ

Read Next

پ پ پ اڳواڻ امتياز علي پاشا خان ٻٽ سان ٻٽ ھائوس تي تحريڪ انصاف پارٽي سان واسطو رکندڙ مير رياض سومرو ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

Most Popular