قومي عوامي تحريڪ طرفان جيجي زرينه بلوچ جي 15 ورسي ملهائي وئي

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)قومي عوامي تحريڪ طرفان جيجي زرينه بلوچ جي 15 ورسي ملهائي وئي تفصيل موجب ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان تعلقه آفيس تي سنڌ جي نالي واري فنڪاره استاد ليکڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر جيجي زرينه بلوچ جي ورسي ملهائي وئي جنهن ۾ خصوصي خطاب قومي عوامي تحريڪ ضلعي جيڪب آباد جنرل سيڪٽري جبارسنڌي ڪئي جنهن چيو ته سنڌ جيجي زرينه جو احترام فقط ان ڪري ڪون پئي ڪري ته هو اياز لطيف جي امڙ آھي ۽ نه ئي ان ڪري ياد پئي ڪري ته هو رسول بخش پليجو جي گهر واري آھي پر جيجي جو احترام ان ڪري به آھي ته هن ضياء جي مارشلائي دور ۾ بهترين جدوجهد ڪري جيلون ڪاٽيون پهريون ڀيرو سنڌ جي عورتن کي منظم ڪري سنڌياڻي تحريڪ جهڙي تنظيم ڏني هن ايم آرڊي تحريڪ دوران انقلابي گيت ڳائي تحريڪ کي وڌيڪ جوشيلو بڻايو ۽ پاڻ به ان تحريڪ جو حصو رهي ۽ پنهجي بهترين تربيت زريعي سنڌ کي اياز جهڙو ليڊر ڏنو اسين سندس ورسي موقعي تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا ان موقعي تي تعلقه صدر گل مصطفي نياز علي عمراڻي اشرف پنهور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيا.

Read Previous

پ پ پ اڳواڻ امتياز علي پاشا خان ٻٽ سان ٻٽ ھائوس تي تحريڪ انصاف پارٽي سان واسطو رکندڙ مير رياض سومرو ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

Read Next

قاضي احمد : بجلي جي تارن مان پلال کي باھ لکين روپين جو بوھ , پلال ۽ ھڪ موٽر سائيڪل سڙي رک ٿي ويو

Most Popular