سيد غلام حيدر شاهه قلندري. شاباش ھجي توکي شر تو خير سان جنگ جوٽي، اچي خير جي روپ ۾ ڦھلائي شر ٿو وڃين، اھو شر تنھنجي اندر ۾ ان حسد جي ھڪ ڪڙي آھي جيڪا باھ تنھنجي اندر ۾ ٻري پئي، اھا ھاڻي تنھنجي چپن تائين اچي رسي آھي، اھو ٺيڪ شر تون معاشري کي ته پنھنجي شر سان ساڙيندين پر ياد رک پاڻ به سڙندي، سڪن سان گڏ آلن کي به ساڙيندي، خير وري به خير رھندو، ھميشه شر سان ٽڪرائيندو، پر نفرت سان نه، محبت سان، نفرت تنھنجو ڪم شر ڀلي پکيڙ، ڪنھن به لباس ۾ لڪي صوفي ٿي اچ، پير ٿي اچ، آفيسر ٿي اچ، ڊاڪٽر ٿي اچ، انجنئير ٿي اچ، شاگرد ۽ استاد ٿي اچ، سوين سرٽيفڪيٽ کڻي اچ، پر سڏبي وري شر، ائين ھرگز نه ڪر ان ڪوئي وانگر لڪي لڪي محبتن جي گدامن ۾ اناج کي نفرتن جي ڏندن سان کائيندو رھين، ڏندن ۾ ڦاتل اناج نه چٻاڙي سگھندين وري ڪڍڻو پوندئي، ڏند سٽجي پوندئي، ڪاوڙ وري خير تي ڪڍندي، خير جو ڪجهه ڪو نه بگاڙي سگھندي، خير کي خوار ڪرڻ ڇڏي ڏي، ٿي ٿو سگھي توکي وري به ڪٿي ٿڪاوٽ ۾ ڪم اچي وڃي، شر جي لٻاڙ ۾ زھر نسلن تائين رھندو آھي، خير جي يادون سٺن لفظن ۾ ياد رکيون وينديون، ضرور اي شر تنھنجا دوست شيطان ۽ نفس راضي به ٿيندا ۽ خوش به ٿيندا، پر اي شر ياد رک ان يزيد جيئن تنھنجا نشان مٽبا رھندا ۽ حسين عليه السلام وانگر خير جا چرچا چڙھي سج جيئن نوان چمڪندا رھندا، ھميشه ڪاراڻ ۽ دونھين سان ڪارا چھرا ئي ٿيندا، نور وري به خير جي حصي ۾ ايندو، ائين به نه ڪر شر پکيڙي ان ڪوئي وانگر نفرتن جو نقصان پاڻ کائين ڏوھ لڳائين وري خير تي، ڪوشش ڪر شر پنهنجي باھ اندر جي چپن کي سيراب نه ڪري نت ٻوڙي ڇڏيندي تنھنجي پنھنجي جسماني جسامت کي، جيڪا مفت جي ٽڪرن تي پلي وڏي ٿي آھي، خير، خيرات ناھي وٺندو، اھو پنھنجيون خوشيون ڏئي شر جا مليل درد انسانن کان ونڊي ورڇي وٺندو آھي، اھو توکي شر ڪڏھن به نفرتن سان جواب ڪو نه ڏيندو، خير وري به تنھنجي خيريت جو دعاگو ئي رھندو، شاھ صاحب جي ان شعر سان،
الله کَرَ جِيئن مَدِيُون جن جي مَنَ ۾،
اسان ۽ پِرِين جُون شل اُميدُون پَسَن،
تھان پوءِ مَرَن سڙِي اِنھي سُور ۾.
پنهنجا نفرتن وارا ھٿيار پاڻ تي ۽ پنهنجي دوستن تي تاڻ، جن تنھنجي تربيت ئي شر سان ڪئي، ان ويچاري خير جي گابي جو ڪھڙو ڏوھ، کائين مال ڪئي وانگر تو پاڻ لڪيو لڪيو ڏوھ گابي تي، اھڙو شر ڪنھن به روپ م ڏسو مٺيون ڀيڙي ڀڄو