ڪيپٽن (ر) صفدر سميت ٽيهه جوابدارن جون عبوري ضمانتون منظور

لاهور:  دهشتگردي جي انت واري عدالت مريم نواز جي نيب آفيس ۾ پيشي جي موقعي تي جهيڙي واري ڪيس ۾ رانا ثناءُالله، ڪيپٽن(ر) صفدر سميت 30 جوابدارن جون عبوري ضمانتون منظور ڪري ورتيون آهن.  عدالت چيو ته سزا ۽ جزا جو فيصلو ٽرائل ۾ ڪيو ويندو. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽو رانا  ثناءُالله، ڪيپٽن (ر) صفدر، سيف الملوڪ  کوکر سميت 30 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. جوابدارن جي وڪيلن دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيو ويو عدالت کان استدعا آهي ته ضمانت واريون درخواستون منظور ڪيون وڃن.  ٻڌڻي دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل عبدالصمد پنهنجي دليلن ۾ چيو آهي ته منصوبه بندي تحت حملو ڪيو ويو. رياستي ادارن کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو. 10 زخمي ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. جوابدارن کان جاچ ڪرڻ جي لاءِ  گرفتاري گهربل آهي عدالت ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي.  عدالت  ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي رانا ثناءُالله، ڪيپٽن صفدر سميت 30  جوابدارن جي ضمانتن تي فيصلو محفوظ ڪيو ته ليگي ڪارڪنن ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي دهشتگردي جي انت واري عدالت جو مرڪزي دروازو بند ڪيو ويو. عدالت مختصر وقفي کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي سمورن جوابدارن جون عبوري ضمانتون منظور ڪندي پوليس کي کين  گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

Read Previous

نه بڻيو همدرد ڪوئي نه ڪوئي مسيحا،اسان ڪئي موڪلاڻي ، اسان جي پڄاڻي

Read Next

آرمي چيف قمر جاويد باجوه سان تُرڪ دفاع واري وزير جي ملاقات

Most Popular