موٽروي پوليس جو سيڪٽر ٽو سڪرنڊ پاران آئي جي موٽر وي پوليس سيد ڪليم امام هدايتن تي روڊ سيفٽي پروگرام منعقد ڪيو ويو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) موٽروي پوليس جو سيڪٽر ٽو سڪرنڊ پاران آئي جي موٽر وي پوليس سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ، ڊي آءِ جي غلام سرور ڀيو ۽ سيڪٽر ڪمانڊر سجاد حسين ڀٽي جي هدايتن تي روڊ سيفٽي پروگرام منعقد ڪيو ويو، پروگرام ۾ تربيتي ڊرائيورن، استادن، اسٽاف ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان کي روڊ تي ٽريفڪ قاعدن مطابق گاڏي ھلائڻ گهرجي، خطرناڪ طريقي سان گاڏي ھلائڻ ۽ تيز رفتار کان پاسو ڪريو ڪرڻ گھرجي، ھنن چيو ته نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي پوليس پڻ سفر کي وڌيڪ آسان ۽ محفوظ بڻائڻ ۽ عوام کي روڊ سيفٽي جي ضابطن کان آگاهي ڏيڻ جو مقصد آهي ته جيئن ماڻهن کي حادثن کان بچائي سگھجي، ايمرجنسي جي صورت ۾ 130 هيلپ لائن استعمال ڪريو ، موٽر وي پوليس توهان جي بروقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏھن ته ان موقعي تي ارباب زرداري، عظيم زرداري، محسن علي ڪلرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن ته آخر ۾ آيل مھمانن کي سنڌي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.

Read Previous

آئي سي يو ٽيڪنيشن جي ملازمن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي

Read Next

ايريگيشن روھڙي ڊويزن مورو جي انجنئرطارق ڪيھر جي زيادتين ء ملازمن جون بنا جواز پگھارون بند ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Most Popular