ايريگيشن روھڙي ڊويزن مورو جي انجنئرطارق ڪيھر جي زيادتين ء ملازمن جون بنا جواز پگھارون بند ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

مورو( محمد انيس ڪلھوڙو ) مورو ۾ ايريگيشن ورڪرز سي بي اي يونين روھڙي ڊويزن مورو پاران ايريگيشن روھڙي ڊويزن مورو جي انجنئرطارق ڪيھر جي زيادتين ء ملازمن جون بنا جواز پگھارون بند ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي مرڪزي صدر محمد عيسيٰ سنگراسي، جنرل سيڪريٽري محمد بخش ڪورائي محمد حسن زرداري ، عزيز سنگراسي، سڪندر دونگھ، منير جويو ء ٻيا ڪري رھيا ھيا جتي ھنن چيو تہ انجنيئر معزور ملازمن ۽ سميت ٻين پورهيت ملازمن تي بنا جواز زيادتيون ڪري رھيو آھي ء ٽن مھينن کان معزور ملازمن جون پگھارون بند ڪري ڇڏيون آھن بدليون، سسپينڊ ڪري جائز پروموشن ختم ڪري ڇڏيا آھن جيڪي پابندي سان ڊيوٽيون پڻ ڪن ٿا ھنن چيو تہ جيڪي ڊيوٽي چور ملازم آھن ء ٻين ملڪن م ويٺا آھن انھن کي پگھارون ڏنيون پيون وڃن ھن ڊويزن م غير قانوني 65 ماڻھن جا پروموشن ٿيل آھن جن ۾ آبدار، داروغا، ڪلارڪ، فون آپريٽر، اليڪٽريشن شامل آھن، ھنن چيو تہ 2012ع کان 2020ع تائين بين لڳل ھوندي خالي پيل پوسٽون ڪاڏي ويون جنھن م فوتي ء رٽائر ملازمن جون 110 جايون آھن جن تي آفيسرن ڪلارڪ پنھنجا من پسند ماڻھون مقرر ڪري آرڊر ڪري غير قانوني آئي ڊيون کولرائي ڇڏيون آھن ء في ماڻھون کان 10 کان 15 لک رپيا ورتا ويا آھن ھنن وڌيڪ چيو تہ جعلي پروموشن ء جعلي آرڊر ختم ڪري انھن جاين تي فوتي ملازمن جي اولاد ء رٽائر ٿيندڙ ملازمن جي اولاد کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن ھنن چيو تہ انجنيئر خلاف پوري سنڌ م مظاھرا آھن ء 4.11.2020 تي چيف انجنيئر سکر بئراج جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو ھنن مطالبو ڪيو تہ انجنيئر کي ھٽائي فرض شناس ء ملازم دوست انجنيئر مقرر ڪيو وڃي ملازمن ۽ معذورن جون پگهارون بحال ڪيون وڃن غير قانوني ڀرتي ٿيل ملازمن جي انڪوائري ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو سلسلو جاري رهندو

Read Previous

موٽروي پوليس جو سيڪٽر ٽو سڪرنڊ پاران آئي جي موٽر وي پوليس سيد ڪليم امام هدايتن تي روڊ سيفٽي پروگرام منعقد ڪيو ويو

Read Next

مٽياري بائي پاس تي جامعه غوثيه اڳيان قومي شاهراھ تي ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي

Most Popular