مٽياري بائي پاس تي جامعه غوثيه اڳيان قومي شاهراھ تي ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي

مٽياري ( رپورٽ ) مٽياري بائي پاس تي جامعه غوثيه اڳيان قومي شاهراھ تي ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي مٽياري بائي پاس تي ڪراچي کان ٽنڊو آدم ويندڙ ڪرولا ڪار ڪيلي سان ڀريل ڪانٽو ڪرائي روڊ تي چڙهندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي حادثي ۾ ڪار سوار ٽنڊو آدم واسي مسمات ريحانه ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ فرحان ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ ٽرڪ ڊرائيور بغزرين سخت زخمي ٿي پيا جن مان ڪار سوار عورت ۽ مرد کي فوري طور مٽياري تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب ٽرڪ هيٺان دٻجي ويو حادثي جي اطلاع تي سنڌ ميمڻ اتحاد جو سرواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ فوري طور ڪرينن سان گڏ حادثي واري جڳھ تي پهچي ٽرڪ کڻائي هيٺان زخمي کي ٻاهر ڪڍرايو ٻئي طرف مٽیاري پوليس زخمين کي فوري طور تي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪرايو،

Read Previous

ايريگيشن روھڙي ڊويزن مورو جي انجنئرطارق ڪيھر جي زيادتين ء ملازمن جون بنا جواز پگھارون بند ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

لوڪل ڪائونسل سنڌ جو اجلاس، عورتن جي تربيت، عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان غور ويچار، عورتن جي تحفظ جي حوالي سان جدوجھد ڪرڻ جو اعلان

Most Popular