لوڪل ڪائونسل سنڌ جو اجلاس، عورتن جي تربيت، عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان غور ويچار، عورتن جي تحفظ جي حوالي سان جدوجھد ڪرڻ جو اعلان

سکر (رپورٽ ۔امداد علي گل ڪلوڙ) لوڪل ڪائونسل سنڌ جو اجلاس، عورتن جي تربيت، عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان غور ويچار، عورتن جي تحفظ جي حوالي سان جدوجھد ڪرڻ جو اعلان، عورتن جا مسئلا حل جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي. خبرموجب لوڪل ڪائونسل ايسوسئيشن سنڌ جو اجلاس وومين ڪميٽي سنڌ جي چيئرپرسن شھناز شيخ جي صدارت ھيٺ سکر پريس ڪلب ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ عورتن جي مسئلن جي لاء وومين ڊولپمينٽ ڪميٽي جوڙي وئي. اجلاس ۾ عورتن جي تربيت لاء سڄي سنڌ ۾ ورڪشاپ، سيمينار ۽ تقريبون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ضلعي صدر قمرالنساءِ، سٽي جي صدر ناھيد سومرو، غزالا ڪاشف، عذرا جمال، فائزا قريشي، شبانا عامر، امبر، راحيلا ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻ عورتن چيو ته ملڪ جي سياست ۾ عورتن جو اھم قردار آھي. عورتن سان ظلم جي انتھا ٿي چڪي آھي. ڏينھن ڏٺي جو عورتن سان زيادتيون ۽ سندن حقن جي لتاڙ جا واقعا وڌي ويا آھن. بلدياتي چونڊن ۾ عورتن کي مڪمل حق نه ٿا ڏنا وڃن. جنھن سبب عورتن جا مسئلا حل نه ٿا ٿين. عورت اڄ جي معاشري جو اھم حصو آھي. پر تنھن ھوندي به اڄ جي عورت پنھنجي حقن کان محروم بڻيل آھي. عورت موجوده معاشري جو اھم حصو آھي. عورتن جي مسئلن جي حل لاء ھر پليٽ فارم تي جدوجھد ڪئي ويندي. لوڪل ڪائونسل ايسوسيئشن جي وومين ڊويلپمنٽ ڪميٽي جو مقصد عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل آھي. ان لاء اسان سڀني کي گڏيل طور تي جدوجھد ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ عورتن جي حقن جي حاصلات لاء جلد تقريب ڪوٺائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

Read Previous

مٽياري بائي پاس تي جامعه غوثيه اڳيان قومي شاهراھ تي ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي

Read Next

شھيد صحافي عزيز ميمڻ قتل جو ماسٽر مائينڊ گرفتار نه خلاف کان ريلي ڪڍي ايس ايس پي نوشهروفيروز آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو

Most Popular