ڇا هي تصوير اصل آهي؟

ڪراچي:پاڪستاني ڊرامه انڊسٽري جي مشهور اداڪاره عائزه خان جي بالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز سان گڏ نڪتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. تفصيل موجب  مشهور ڊرامن پياري افضل، ميري پاس تم هو، تهوڙا سا حق مان شهرت جي بلندين تي پهچندڙ اداڪاره عائزه خان به بالي ووڊ اسٽار ٽام ڪروز جي مداح نڪتي.اداڪاره سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي ٽام ڪروز سان گڏ ترميم ٿيل تصوير پوسٽ ڪئي جنهن جي مداحن جي طرفان ڪافي تعريف ڪئي پئي وڃي.  عائزه طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽام ڪروز جي مجسمي جي ڪلهي تي مٿو رکي مسڪرائي رهي آهي.اداڪاره تصوير جي ڪيپشن ۾ ٽام ڪروز لکيو ۽ ايموجيز جو استعمال ڪيو. واضح رهي ته عائزه خان 2009 ۾ شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو. 18 سالن جي عمر ۾ هن پهرين ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ان کان پوءِ هن ڊرامن جي دنيا ۾ قدم رکيو جنهن ۾ پياري افضل، ميري پاس تم هو مان کيس شهرت ملي.

Read Previous

گستاخ خاڪن جي اشاعت تي پاڪستان جو سخت احتجاج، فرانسيسي سفير پرڏيهي کاتي طلب

Read Next

آڪسفورڊ پاران تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي نون نتيجن اميدون وڌائي ڇڏيون

Most Popular