آڪسفورڊ پاران تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي نون نتيجن اميدون وڌائي ڇڏيون

لنڊن:    برطانوي دوائون تيار ڪندڙ ڪمپني آسٽرازينيڪا جو چوڻ آهي ته دنيا جي مشهور  ڪورونا 19 آڪسفورڊ ويڪسين پوڙهن ۽  نوجوانن ٻنهي ۾ مدافعتي رد عمل پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي. هن ويڪسين کي ماهر عالمي وبا مان ٿيندڙ معاشي تباهي جور ستو روڪڻ جي اميد تصور ڪري رهيا آهن. آسٽرازينيڪا ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي  تعاون سان تيار ٿيندڙ ويڪسين گهٽ ۽ وڌيڪ ٻنهي عمر جي ماڻهن ۾ قوت مدافعت پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي پر وبا سبب شديد متاثر وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ مدافعتي رد عمل جي شرح گهٽ ڏسڻ ۾ آئي. ڪورونا وائرس هينئر تائين سڄي دنيا ۾ ساڍا 11 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته معيشت به تباهه ٿي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪورونا وائرس کان تحفظ ۽ معمول واري زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ آڪسفورڊ جي تجرباتي ويڪسين کي هڪ گيم چينجر مڃيو پيو وڃي. جيڪڏهن هن ويڪسين تي صحيح ڪم ڪيو ويو ته دنيا ۾ عالمي وبا پکڙجڻ واري افراتفري گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. آسٽرازينيڪا جي ترجمان موجب ويڪسين ٽرائل جي دوران پوڙهن ۽ بالغن مدافتي رد عمل همت ڏيندڙ آهي.  ترجمان موجب جيڪڏهن وبا مان سخت متاثر وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ گهٽ مدافتي ر دعمل ظاهر ٿيو ته ان جي باوجود به نتيجا حوصلو ڏيندڙ آهن ڇو ته عمر وڌڻ سان گڏ انسان جو مدافتي رد عمل ڪمزور پئجي ويندو آهي اهوئي سبب آهي ته ڪورونا مان فوت ٿي ويل مريضن جو وڏو انگ وڌيڪ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي.  واضح رهي ته آڪسفورڊ آسٽرازينيڪا جي ويڪسين کي دنيا ۾ تيار ٿيندڙ سمورين ڪورونا ويڪسين کان بهتر ٻڌايو پيو وڃي جنهن جو ٽرائل آخري مرحلي ۾ آهي. پر تازو ئي ويڪسين ٽرائل جي دوران برازيل ۾ هڪ والنٽيئر جي موت به واقع ٿي چڪي آهي.

Read Previous

ڇا هي تصوير اصل آهي؟

Read Next

ڇا اوهان کي پنهنجي آئي فون ۾ موجود لڪيل بٽڻ جي خبر آهي؟

Most Popular