پشاور ڌماڪو: متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان

پشاور:   خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان مدرسي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن جي لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان ڌماڪي جي متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي تحت شهيدن جي گهر ڀاتين کي 5 لک جڏهن ته زخمين کي 2 لک روپيه ڏنا ويندا.  محمود خان جو چوڻ آهي ته پشاور ڌماڪي جي متاثرين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. امن وارو عمل جاري رکنداسين. واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد گرفتار ڪري وٺنداسين.  ياد رهي ته اڄ صبح جو پشاور مدرسي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي نتيجي ۾7 ٻارڙا شهيد ۽ 70 زخمي ٿي پيا پوليس جو چوڻ آهي ته مدرسي ۾ آئي اي ڊي ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي زخمين ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي.

Read Previous

اختر مينگل جي مريم نواز سان ملاقات، پي ڊي ايم پليٽ فارم حڪومت کان ڇوٽڪاري جو واحد حل قرار

Read Next

ڳوٺ طالب ڀرٽ جي رهواسڻ مسمات وزيران ڀرٽ پنهنجن معصوم پٽن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي سُهري ۽ ڏيرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

Most Popular