ڳوٺ طالب ڀرٽ جي رهواسڻ مسمات وزيران ڀرٽ پنهنجن معصوم پٽن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي سُهري ۽ ڏيرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڳوٺ طالب ڀرٽ جي رهواسڻ مسمات وزيران ڀرٽ پنهنجن معصوم پٽن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي سُهري ۽ ڏيرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته مان 15 سال اڳ محمد دائود ڀرٽ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن کان مون کي ٽن معصوم پٽن جو اولاد آهي. هن وقت منهنجو مڙس ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي مڙس جي غير موجودگي ۾ منهنجو سهرو محمد هارون ۽ ڏير علي اڪبر، علي اصغر، علي گوهر، سڪندر مون تي تشدد ڪندا آهن ۽ روز موتمار ڌمڪيون ڏيندا آهن ته هتان نڪري وڃ نه ته توکي پٽن سميت ماري ڇڏينداسين. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي هو ڪنهن به وقت مون کي ۽ منهنجي معصوم پٽن کي ماري نه ڇڏين. هن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري مون کي تحفظ ڏنو وڃي.

Read Previous

پشاور ڌماڪو: متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان

Read Next

پي ڊي ايم جو ڪوئيٽا وارو جلسو ڪامياب جلسو ھو ، ڪوئيٽا جلسي ۾ بلوچ۔ سنڌي۔ پنجابي۔ پٺاڻن پاڪستان جي بقاء جي ڳالهه ڪئي

Most Popular