اختر مينگل جي مريم نواز سان ملاقات، پي ڊي ايم پليٽ فارم حڪومت کان ڇوٽڪاري جو واحد حل قرار

لاهور:   بي اين پي سربراهه  اختر مينگل مريم نواز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پي ڊي ايم جي پليٽ فارم کي حڪومت کان ڇوٽڪاري جو واحد حل قرار ڏنو آهي.  سربراهه بلوچستان نيشنل پارٽي اختر مينگل جاتي امراءَ ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي صورتحال، بيروزگاري ۽ مسلسل وڌندڙ مهانگائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پي ڊي ايم جي تحت ٿيندڙ هينئر تائين جي سمورن جلسن کي ڪامياب قرار ڏنو. پارٽي ذريعن موجب سربراهه بلوچستان نيشنل پارٽي اختر مينگل مريم نواز سان ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خيريت پڇا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. مريم نواز ۽ اختر مينگل پشاور  ڌماڪي ۽ اپوزيشن اڳواڻن جي خلاف بغاوت جي ڪيس جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم ئي حڪومت کان ڇوٽڪاري جو واحد حل آهي.  ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهين  ۾ اختر مينگل چيو ته احساس محرومي ۾ گهٽتائي نظر آئي ته حڪومت جو ساٿ نه ڇڏينداسين حڪومت اسان جي 6 نڪتن تي عمل نه ڪيو هو جڏهن ته اسان هڪڙي ئي رستي تي وڃي رهيا آهيون، يو ٽرن ناهي ورتو.

Read Previous

سياسي پارٽيون قومي ادارن خلاف ڳالهائي دشمن کي خوش ڪري رهيون آهن: شبلي فراز

Read Next

پشاور ڌماڪو: متاثرين ۽ شهيدن جي وارثن لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان

Most Popular