پي ڊي ايم جو ڪوئيٽا وارو جلسو ڪامياب جلسو ھو ، ڪوئيٽا جلسي ۾ بلوچ۔ سنڌي۔ پنجابي۔ پٺاڻن پاڪستان جي بقاء جي ڳالهه ڪئي

سکر (رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) آمدن کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاھڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، پ پ مرڪزي اڳواڻ خورشيد احمد شاھ کي سکر جي ۔ اين  آئي سي وي ڊي اسپتال مان  ايمبولنس ذريعي آندو ويو ۔  احتساب عدالت ۾  پيش ٿيو  ۔ ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد احمد شاھ سميت نامزد جوابدار پيش ٿيا ۔ عدالت مختصر ڪاروائي بعد ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي   احتساب عدالت سيد خورشيد شاھ تي ھن ڀيري به فرد جرم لاڳو نه ڪري سگهي۔ عدالت خورشيد شاھ کي ٽي نومبر تي ٻيھر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي ۔ پ پ  ايم اين اي خورشيد احمد شاھ ان موقعي تي  احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان  مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو  ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جا گستاخ خاڪا ٺاھڻ پوري مسلم ملڪن لاء افسوس ناڪ عمل آھي ، فرانس جو اھڙو عمل ناقابل برداشت آھي ،اھڙا خاڪا  ٺاھڻ سان  دنيا ۾ مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي  سيد خورشيد شاه چيو ته او آ ئي ايس ان معاملي تي ڇو خاموش آھي جڏھن اھڙا گستاخاڻا واقعا پيش اچي رھيا آھن خورشيد شاھ چيو ته ھي وقت دنيا جي مسلمانن کي ھڪ ٻئي سان گڏ ويھڻ جو آھي موجوده صورتحال ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جھڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي خورشيد شاھ چيو ته پي ڊي ايم جو  ڪوئيٽا وارو جلسو ڪامياب جلسو ھو ، ڪوئيٽا جلسي ۾ بلوچ۔ سنڌي۔ پنجابي۔ پٺاڻن پاڪستان جي بقاء جي ڳالهه ڪئي، ان ۾ ڪو به غداري جو عنصر شامل نه ھو ، خورشيد شاھ چيو ته مريم نواز جي جنوري تائين موجوده حڪومت جي وڃڻ واري ڳالهه تي مان ڪا به پيشن گوئي نٿو ڪري سگهان مگر ٻڌائڻ وارا ٻڌائي ڇڏيندا آهن ھن چيو ته اپوزيشن سڀني کي ھڪ پليٽ فارم تان ڪٺو ڪيو آھي، حڪومت کي گھرجي ته اپوزيشن سان ويھي ملڪ جا مسئلا حل ڪري،

Read Previous

ڳوٺ طالب ڀرٽ جي رهواسڻ مسمات وزيران ڀرٽ پنهنجن معصوم پٽن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي سُهري ۽ ڏيرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

Read Next

فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت جي خلاف سکر ھاء ڪورٽ جي وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو

Most Popular