قاضي احمد: جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ محفل سجائي وئي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي)  قاضي احمد شوڪت ڪالوني ۾ مسجد نور مصطفا  ۾ حاجي محرم, حاجي سڪندر ,مولوي غلام قادر مھر,ممتاز جوکيو , ڊاڪٽر عبدالرحمان ڪھيري, قلندر بخش جتوئي  ۽ ٻين پاران جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ محفل سجائي وئي  ـ محفل ۾ مشھور نعت خوان محمد امين مھر  نعت رسول صلي الله عليه وسلم پيش ڪيا ۽ محفل ۾ شريڪ عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم کي جھومائي ڇڏيو ـ  مولانا محمد امين رستماڻي ,مولانا گل محمد اطھري , حافظ شاھنواز مھر ۽ مولانا محمد سڄڻ لاکو طاھري   خطاب ڪندي ڪائنات جي والي رحمت العالمين خاتم النبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ تي ڳالھائيندي چيو ته نبي آخر زمان ٻنهي جهانن لاء رحمت العالمين بڻجي آيا سندن زندگي مبارڪ انسان ذات لاء زندگي گذارڻ جو انمول طريقو آهي ، هنن وڌيڪ چيو ته محبوبن جي محبوب جي زندگي مبارڪ مڪمل دين اسلام جو نمونو آهي ، پاڻ پنهنجي حسن اخلاق سان دنيا ۾ اسلام جو جھنڊو بلند ڪيو، جڏهن ته آخر ۾ محفل ۾ شريڪ ماڻھن کي نگر کارايو ويو ۽ دعا خير پڻ گھري وئي

Read Previous

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سٽي سيوهڻ جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جي ناجائزين جي خلاف پريس ڪانفرنس

Read Next

ايريگيشن کاتي جي الشھباز ٽريڊ يونين پاران سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو، اسان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي

Most Popular