ايريگيشن کاتي جي الشھباز ٽريڊ يونين پاران سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو، اسان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي

سانگهڙ( رپورٽ ڊر)  ايريگيشن کاتي جي الشھباز ٽريڊ يونين پاران سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو، اسان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، ملازمن کي پڪو ڪرڻ کانپوءِ سندن آئيڊيز بند پيل آهن. ملازمن سڄي عمر نوڪريون ڪن ٿا ، سندن اولاد کي نوڪريءَ کان محروم رکيو ويندو آهي. محمد علي ڳوراھو ۽ ٻيا.  تفصيل موجب سانگهڙ ۾ ايريگيشن ملازمن جي تنظيم  الشھباز ٽريڊ يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ايريگيشن آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن محمد علي ڳوراھو، دين محمد مري، حسن وساڻ ، ذيشان حيدر ھڱورو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اسان ملازمن سان زيادتيون ڪيون ويون آهن. اسان ادارن کي رت ست ڏيئي جوڙيندا آهيون. پر اسان جي اولاد کي نوڪرين لاءِ ڌڪا کائڻا پوندا آهن. ھنن الزام هڻندي چيو ته  ڪرپٽ انجنئير طارق ڪيهر اسانجي 90 ننڊي ملازمن جون پگهارون روڪيو ويٺو آ هنن چيو ته    ته ايل بي او ڊي جي پڪو ڪيل ملازمن جون آئيڊيز بند کوليون نه ٿيون وڃن. معمولي پگھارون کڻندڙ ڪيئن وقت گذارين ٿا. آفيسرن کي ان جو احساس نه ٿو ٿئي.ھنن چيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ 18 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ مظاھرو ڪيو ويندو.

Read Previous

قاضي احمد: جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وسلم جي سلسلي ۾ محفل سجائي وئي

Read Next

جي يو آء جي سربراه مولانا فضل الرحمان کي جيڪب آباد پوليس انتظاميه پاران سيڪيورٽي فراهم نه خلاف احتجاجي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل

Most Popular