جي يو آء جي سربراه مولانا فضل الرحمان کي جيڪب آباد پوليس انتظاميه پاران سيڪيورٽي فراهم نه خلاف احتجاجي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) جي يو آء جي سربراه مولانا فضل الرحمان کي جيڪب آباد پوليس انتظاميه پاران سيڪيورٽي فراهم نه  خلاف جيڪب آباد باء پاس تي 2  ٻھ ڪلاڪ احتجاجي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل. غفلت ڪندڙن کي هٽائڻ جو مطالبو، ايس پي جي يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ملتوي. خبر موجب جمعيت علماء اسلام ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪوئٽه کان واپسي دوران جيڪب آباد کان گذر ڪرڻ لاء جي يو آئي ضلعي جيڪب آباد امير ڊاڪٽر اي جي انصاري پاران جيڪب آباد پوليس سان رابطو ڪري سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ چيو هو, پر جڏهن مولانا فضل الرحمان جيڪب آباد مان گذر ٿيو ته  انکي ڪابه سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي. ان جي ردعمل ۾ جي يو آء جي سوين ڪارڪنن جي يو آئي جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري,تعلقہ امير مولانا عبدالجبار رند,نائب امیر حمادالله انصاري، چاڪر خان جکراڻي، نذير احمد مينگل، سجاد بروھي جي اڳواڻي ۾ جي يو آء جا جھنڊا کڻي سنڌ بلوچستان بارڊر باء پاس جيڪب آباد تي ٻھ  2   گهنٽا ڌرڻو جاري هجڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي يو آء ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي ٿريٽ هجڻ باوجود جيڪب آباد پوليس انتظاميه پاران سيڪيورٽي فراهم نه ڪري نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي,  بعد ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري سان رابطو ڪري نااهلي سبب ڊي آئي بي انچارج انيس سومرو کي ھٽائڻ ۽ ٻن حد جي صدر ۽ آباد ٿاڻن جي نااهلي ڏيکاريندڙن عملي  جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

Read Previous

ايريگيشن کاتي جي الشھباز ٽريڊ يونين پاران سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو، اسان سان زيادتي ڪئي پئي وڃي

Read Next

راڻيپور ۾ سني رابطه ڪائونسل پاران فرانس خلاف تحفظ ناموس رسالت ريلي سوين ماڻهن کي جهنڊا هٿن ۾ محمد عربي جي شان ۾ نعرا گستاخي ڪرڻ خلاف مظاهرو

Most Popular