ھاء اسڪول ٻٽ سرائي ۾ رٽائرڊ سيڪنـڊري ٽيچرس جي مان ۾ گسٽا پاران الوداعي پارٽي ڏني وئي!

ميھڙ رپورٽر(ميرباباا) ھاء اسڪول ٻٽ سرائي ۾ رٽائرڊ سيڪنـڊري ٽيچرس جي مان ۾ گسٽا پاران  الوداعي پارٽي ڏني وئي! تقريب جو مک مھمان ايم پي اي تعلقا ميھڙ فياض علي خان ٻٽ ھو! تقريب ۾ استادن ۽ شاگردن کي حسن ڪارڪردگي جون شيلڊون ڏنيون ويون! استادن جي محنت جو ھي ڦل آھي جو آء اڄ توھانجي اڳيان بيھي ڳالھائڻ جي اھليت رکان ٿو! منھنجي لاء اھو اعزاز کان گھٽ ناھي جو اوھان استادن مونکي مان بخشي ڀر ۾ ويھاريو آھي ! سابق وزير فياض علي خان ٻٽ ميھڙ سنڌ پريس ڪلب /لاڙ ٽي وي رپورٽر حبيب حضوري! گسٽا تعلقي ميھڙ پاران رٽائرڊ سيڪنڊري استادن ھيڊ ماسترن ۽ ٽي اي اوز جي مان ۾ الودائي پارٽي ھاء اسڪول ٻٽ سرائي ۾ ڏني وئي تقريب جو خاص مھمان ايم پي اي ميھڙ فياض علي خان ٻٽ ھو جڏھن ته  سردار ابوخان ٻٽ گسٽا ڊسٽرڪٽ دادو جو صدر ضمير علي ڳورڙ جنرل سيڪريٽري لياقت علي جتوئي صدر گسٽا تعلقا ميھڙ مظھرعلي ٻٽ صدر ڪي اين شاھ محمد موسي گاڏھي صدر دادو منظور پنھور کان سواء گسٽا جي ضلع ۽ تعلقا اڳواڻن سردار احمد ٻوڪ غلام سرور ساريو بشيراحمد گاڏھي اشرف علي چانڊيو سلطان ھنڱورو علي گل چانڊيو صدر پ ٽ الف تعلقا ميھڙ اعجاز علي چانڊيو ڊي اي او سيڪنڊري نذيراحمد دايو ٽي اي او سيڪنڊري ميھڙ اعجاز علي ھالو ٽي اي او پرائمري تعلقا ميھڙ مولابخش سومرو ھيڊ ماستر ھاء اسڪول ٻليدائي ذوالفقار علي کوسو ھيڊ ماستر ھاء اسڪول ون ميھڙ عزيز الرحمان مھيسر ھيڊ ماستر ھاء اسڪول ٽو آفتاب احمد ھالو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي رٽائرڊ استادن حبيب حضوري مولوي نثاراحمد مگسي مولوي سڪندرعلي ٻرڙو امان الله  چانڊيو حسين بخش ڳورڙ نياز جانوري ۽ ٻين استادن کي حسن ڪارڪردگي جون شيلڊون ڏنيون ويون! جڏھن ته ھاء اسڪول ٻٽ سرائي جي اي ون گريڊ ۾ مئٽرڪ پاس ڪندڙ شاگردن کي پڻ شيلڊون ڏنيون ويون! الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي فياض علي خان ٻٽ چيو ته استادن جي محنت جو نتيجو آھي جو آء اڄ توھانجي اڳيان بيٺو آھيان منھنجا استاد منھنجي سامھون ويٺا آھن مونکي پنھنجي استادن تي فخر آھي ھن چيو ته گسٽا جي محنت ۽ حڪومت سنڌ جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سرڪاري اسڪولن جا استاد ھاڻي جدوجھد ڪن ٿا جنھن ڪري اسڪول بند ھجن جون شڪايتون تمام گھٽ اچن ٿيون! ھن چيو ته استادن جو جيڪو ڪم ڪار ھجي مون وٽ ھليا اچو! منھنجا دروازا استادن لاء ھميشا کليل رھندا ! ان موقعي تي استادن ۽ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون پارايون ويون !  آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي جنھن ۾ لوڪ فنڪار بھترين راڳي طارق چانڊيو سر وکيري سامعين کان خود داد حاصل ڪيو!

Read Previous

راڻيپور ۾ سني رابطه ڪائونسل پاران فرانس خلاف تحفظ ناموس رسالت ريلي سوين ماڻهن کي جهنڊا هٿن ۾ محمد عربي جي شان ۾ نعرا گستاخي ڪرڻ خلاف مظاهرو

Read Next

ڪشميرين سان يڪجھتي طور ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ظفر عباس عباسي جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي وئي

Most Popular