راڻيپور ۾ سني رابطه ڪائونسل پاران فرانس خلاف تحفظ ناموس رسالت ريلي سوين ماڻهن کي جهنڊا هٿن ۾ محمد عربي جي شان ۾ نعرا گستاخي ڪرڻ خلاف مظاهرو

راڻيپور ۾ سني رابطه ڪائونسل پاران فرانس خلاف تحفظ ناموس رسالت ريلي سوين ماڻهن کي جهنڊا هٿن ۾ محمد عربي جي شان ۾ نعرا گستاخي ڪرڻ خلاف مظاهرو رپورٽ موجب:راڻيپور ۾ سني رابطه ڪائونسل پاران مولانا جميل احمد عثماني ,غازي غلام عباس,مولانا صفدر جعفري جي اڳواڻي ۾ تحفظ ناموس رسالت نالي هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا ريلي مسجد اُم عائشه کان انٽرنيشنل پريس ڪلب تان ٿيندي فاروق اعظم چوڪ عباسي محلا ۾ اختتام پذير ٿي جڏهن ته ٻين اڳواڻن ۾ مولانا محمد اسمائيل بروهي,مولانا عبدالرب لنڊ ,نسيم وساڻ ,گداحسين دايو,مونالا ذبيح الله,تاج محمد حنفي,مولانا نجيب الله ۽ ٻيا پڻ شامل هئا انهئ موقعي تي شريڪ اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فرانس ۾ گستاخانا خاڪا ٺاهي عالم اسلام جي جذبات کي مجروح ڪيو ويو آهي فرانس جي اهڙي عمل تي اسين مسلمان شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت پاڪستان کي گهرجي ته انهئ گستاخ رسول جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته پشاور واري بم ڌماڪي جي واقعي ۾ ملوث شرپسند ملڪ دشمن عناصرن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي جڏهن ته ريلي شريڪ سوين ماڻهن کي سني تحريڪ جا جهنڊا هٿن ۾ هئا جيڪي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ نعريبازي ڪندا رهيا ته رسول پاڪ سچو نبي آهي ۽ اسين انهئ جا پيروڪار امتي آهيون رسول پاڪ جي شان ۾ ڪابه گستاخي برداشت نٿا ڪري سگهون

Read Previous

جي يو آء جي سربراه مولانا فضل الرحمان کي جيڪب آباد پوليس انتظاميه پاران سيڪيورٽي فراهم نه خلاف احتجاجي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل

Read Next

ھاء اسڪول ٻٽ سرائي ۾ رٽائرڊ سيڪنـڊري ٽيچرس جي مان ۾ گسٽا پاران الوداعي پارٽي ڏني وئي!

Most Popular